جاگيراڻي اعتبار علي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي دولت خان جاگيراڻي پنھنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هو. گذر سفر لاءِ ڳوٺ ۾ ننڍڙو هٽ هلائيندو هو. اعتبار خان جاگيراڻي شروعاتي تعليم جمعي اگهم ۽ تعلقي ميري خان جي هڪ ڳوٺ حيدر چانڊيي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ رتيديري شھر جي اي. وي اسڪول ۾ داخل ٿيو، پر غربت سبب ۽ رتيديري شھر ۾ رهائش نہ هئڻ ڪر، وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. 1943ع ۾ علامہ عنايت مشرقيءَ جي پارٽي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ لاڙڪاڻي جو مشھور وڪيل ۽ اڳوڻو سفير عبدالرزاق سومرو بہ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامہ عنايت مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا. انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. پوليس ڪارروائيءَ ۾ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي بہ گرفتار ٿيو. ساڻس گڏ سنڌ جو مشھور اديب ۽ قديم آثارن جو ماهر تاج صحرائي بہ گرفتار ٿيو هو. پاڪستان ٺھڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هو. سندس قربانيءَ عيوض علامہ عنايت مشرقي کيس ’جانباز‘ جو لقب ڏنو. 7 جنوري 1949ع تي ٻہ سال قيد ڀوڳي، پنھنجي وطن پهتو ۽ اچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1952ع ۾ رتيديري مان ’هاري‘ اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو ۽ ايڊيٽر ناميارو شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي هو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ 1970ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. 28 جون 2002ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.01  عيسوي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب سومرو2
رمضان جت
چانڊيو حڪيم محمد عالم
در محمد سومرو
سيد محمد تقي بخاري
پير شاھہ قادري بديڻائي
شرميلا فاروقي
امين کوسو
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
ارجن ڪرشن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون