جاگيراڻي برڪت علي جسٽس

جاگيراڻي برڪت علي جسٽس: جسٽس برڪت علي جاگيراڻيءَ قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1956ع ۾ وڪالت ڪرڻ سان ڪئي. مسلسل 29 سال وڪالت ڪرڻ بعد 1985ع ۾ ڪميشن ڏيئي تربت ضلعي ۾ سيشن جج ٿيو. اڳتي هلي 1995ع ۾ بلوچستان جو محتسب مقرر ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ بعد کيس بلوچستان جي ’جوڊيشل اڪيڊمي‘ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. پوري هڪ سال کان پوءِ کيس ڊرگ ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ مقرر ڪيو ويو. ساڍن ٽن سالن تائين ’فيڊرل سروس ٽربيونل‘ جو ميمبر رهيو ۽ ٽي سال بدين ۾ ’محتسب اعليٰ جو ريجنل ڊائريڪٽر‘1991ع کان 2001ع تائين ’فيڊرل سروسز ڪورٽ‘ ۾ جج هئڻ دوران هن نواز شريف جي حڪومت ۾ وفاقي کاتن مان برطرف ڪيل هزارين ملازمن کي ٻيهر بحال ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سان غريبن جون وساڻل چلهيون ٻيهر ٻريون. هن جو شاھہ لطيف رح جي شاعريءَ سان بيحد لڳاءُ هو.

جسٽس برڪت اڪثر پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو هو. سادگي ۽ نهٺائي رکندڙ هيءُ اهل دل انسان اعليٰ عهدن تي هئڻ جي باوجود بہ پنھنجي زمين تي پاڻ پورهيو ڪندو هو، رٽائرمينٽ کان پوءِ هميشہ ساڻس کجيءَ جي پنن جي ٺهيل ڇٻي هٿ ۾ هوندي هئس، جنهن ۾ آئينو، انگوڇو ۽ ڦڻي وغيرہ کڻندو هو ۽ گهڻو تڻو هڪ بيگ ۾ ساڻس 3 جوڙا ڪپڙن جا گڏ هوندا هئا. 2 مئي 2010ع تي وفات ڪيائين. هالا روڊ لڳ پير بلالي قبرستان ۾ دفن آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2010.05.02  عيسوي

جاگيراڻي برڪت علي جسٽس2 مئي 2010ع تي وفات ڪيائين . هالا روڊ لڳ پير بلالي قبرستان ۾ دفن آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور خطاط
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
سيد امداد شاھہ ڊڍرائي
عبدالمجيد جمالي
شورو ڄام خان
روچلداس ڊاڪٽر
آمنہ سومرو ڊاڪٽر
رامچند اوڏ
سيد علي ثاني ٺٽوي
جلال حجام سنڌي شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون