جاڳو جاڳو ڪتاب

جاڳو جاڳو (ڪتاب): ٻارن لاءِ ڪـهاڻين جو هي ڪتاب، اردو ليکڪہ ثاقبه الدين جو لکيل آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڪريم بخش خالد ڍڪايو آهي.’اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد‘ طرفان سال 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اڪادمي جي چيئرمئن غلام رباني آگري جي ’حرف سپاس‘ ۽ ليکڪا جي ’مهاڳ‘ کان علاوہ هن ڪتاب ۾ جملي 15 ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب جو ترجمو بہ عام فھم ۾ بامحاوره آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مشھور اديبن پروفيسر مجتبيٰ حسين، ممتاز مفتي، احمد نديم قاسمي ۽ ڊاڪٽر وجده قريشي جا ليکڪا ۽ ڪتاب جي باري ۾ تاثرات آهن. 126 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 110 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو