جاڳَرِ

جاڳَرِ: جن ڀوت ڪڍڻ لاءِ جاڳر اهو عمل آهي، جنهن ۾ ويساھہ وسوڙل ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڀوپو يا فقير واس ڌوپ ڪري سُرندو وڄائيندو آهي، ماڻهن جي عقيدي موجب سرندي جي لئي ۽ مٺي وڄت جي ڪري جنات جي اثر هيٺ آيل ماڻهوءَ جي وجود ۾ جوش ايندو آهي ۽ اهو ماڻهو تيز تيز ڪنڌ ڌوڻيندو آهي ۽ ان مھل ڀوپو منتر وغيرہ پڙهي جن کان خبر چار ۽ کانئس ڏس پار پڇندو آهي. حضرت سليمان عليہ السّلام جو سُنهن جن کي ڏئي متاثر ماڻهوءَ کي ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڪندو آهي، جن جي انڪار تي کيس سزا ڏيڻ لاءِ ان ئي ماڻهوءَ کي ساڙيندو يا ٻي ڪا سيکت ڏيندو آهي، جنهن سان سندن چوڻ موجب جن ڀوت ماڻهوءَ کي ڇڏي ڀڄي ويندو آهي. اهڙين جاهلاڻين رسمن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پوندا آهن يا ڪڏهن مري بہ پوندا آهن. سنڌ ۾ ڪي وهمي ماڻهو جِن ڪڍائڻ لاءِ ماڻهو ميانوالي فقيرن وٽ ويندا يا کين دعوت ڏيئي گهرائيندا آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو


جادو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاڳَرِ
جادو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون