
جاڳ به تنهنجي جيءَ سان
جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي نالي واري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان 1996ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنھنجي والد، والدہ ۽ ٻارڙن جي نالي ڪيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر تنوير عباسيءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪُل 16 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪچي جلد واري هن ڪتاب جا ڪل صفحا 106 ۽ قيمت 50 رپيا آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ لاءِ مختلف اديبن جا رايا ڏنا ويا آهن.