جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي: ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. صحافت ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي خبرن واري شعبي سان وابستہ آهي. هن جا لکيل 50 کان وڌيڪ ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ٿي چڪا آهن. هيءُ المھراڻ سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن نصيرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن نصيرآباد جو باني، پهريون صدر ۽ ڪنوينر رهيو آهي. جبار آزاد منگيءَ جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس لکيل هڪ گيت ’او مٺي او مٺي تڪي تنھنجي گهٽي‘ فنڪار شفيق منگيءَ جي آواز ۾ مقبوليت ماڻي آهي. کيس خدمتن جي عيوض ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ سگا لاڙڪاڻي ڊويزن طرفان ’بھترين ڪارڪن‘ اوارڊ، 1995ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سرڪل پاران ’بينظير ٽيلينٽ اوارڊ‘، ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هٿان مليل آهي. هيءُ هن وقت نصيرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.18  عيسوي

ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بکر شيخ
ايوب فقير آريسر
ڪوڏومل جانب واڌواڻي
پرسوز بخاري
سيد رحمت ﷲ بکري
راڄڙ ولي بخش
خليفو نبي بخش لغاري
مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم
سرڪش سنڌي
صورت سنگهہ بھار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون