جبروت: سلوڪ جي ٽين منزل (پهرين ناسوت، ٻي ملڪوت). هيءُ اصطلاح حديث مان ورتل آهي ۽ مختلف حديثن ۾ هن جو مفهوم آهي تہ ”قدرت جو عالم“ جنهن جي معنيٰ آهي ”عالم برزخ“، يعني وچون جھان يا وچ وارو جھان.