جبريل بن بختيشوع: بغداد جي مشھور طبيب خاندان آل بختيشوع جو هڪ فرد. بختيشوع جنهن خليفي هارون رشيد جو ڪامياب علاج ڪيو، تنهن کي خليفي بغداد ۾ رهائي ڇڏيو. 791ع ۾ جڏهن خليفي جي وزير يحيٰ بن خالد برمڪي جو پٽ وزير خاص جعفر برمڪي بيمار ٿيو، تڏهن ان جو بہ مڪمل علاج ڪيائين. ان کان پوءِ خليفي چاهيو تہ بغداد ۾ ڪو مستقل حڪيم هئڻ گهرجي، جنهن تي بختيشوع پنھنجي پٽ جبريل جو نالو ڏنو. جبريل جعفر برمڪيءَ کي پنھنجي قابليت سان ايترو تہ متاثر ڪيو جو هو کيس هميشہ پاڻ سان گڏ کڻندو هو. بختيشوع جي وفات بعد خليفي هارون رشيد بن بختيشوع'>جبريل بن بختيشوع کي پڻس جي جاءِ تي ’افسرالاطباء‘ مقرر ڪيو. مامون رشيد جي زماني تائين جبريل انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. بن بختيشوع'>جبريل بن بختيشوع ان وقت خلافت جو سڀ کان وڏو طبيب هو. خليفي هارون وٽ هن جي اها حيثيت هئي جو خليفي ڪڏهن بہ جبريل جي سفارش کي رد نہ ڪيو. خليفو هارون رشيد اڪثر چوندو هو تہ جبريل جو مرتبو منهنجي وزيرن کان وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ تہ وزير منهنجي سلطنت جا نگهبان آهن، پر جبريل خود منهنجي صحت جو نگران آهي، جنهن سان منهنجي پوري سلطنت وابستہ آهي. عباسي دور ۾ هن طبيب اعظم کي پنھنجي پيشي جي ڪري فين ۽ پگهار جي مد ۾ ڪافي آمدني هئي. هن کي سرڪاري خزاني مان ڏھہ هزار درهم ماهوار پگهار ملندي هئي، ان کانسواءِ خليفو هر سال جي شروعات ۾ هن کي پنجاھہ هزار درهم روڪ، ڏھہ هزار درهمن جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان انعام طور ڏيندو هو. ذري گهٽ ايتري رقم ٻين جي علاج مان بہ کيس ملي ويندي هئي. اميرن وزيرن جي علاج مان کيس اٽڪل چار لک درهم جيتري سالياني آمدني هئي. شاهي طبيب جي حيثيت ۾ حساب لڳايو ويو آهي تہ ڪل اٺ ڪروڙ اٺاسي لک درهم، هن کي سرڪاري خزاني مان حاصل ٿيا. مامون رشيد جي دور ۾ بہ جبريل 17 سال زندہ ۽ ساڳي عهدي تي رهيو، ان دؤر ۾ بہ سندس آمدني ۾ ڪمي نہ آئي.
جبريل بن بختيشوع 830ع ۾ وفات ڪئي. هن عظيم طبيب جي وفات جو ڏک نہ رڳو سرڪاري طور بغداد ۾ پر سڄي عباسي سلطنت ۾ ڪيو ويو. جبريل طبي دنيا ۾ هڪ محقق جو درجو رکي ٿو. هن حڪمت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، پر اڄ انهن مان ڪنهن بہ هڪ جو پتو ناهي.