جبر ۽ قدر: علم ڪلام جو هڪ اصطلاح آهي، جيڪو انسان جي اختيارن جي حدن متعلق آهي. ’جبر‘ جو مطلب آهي، انساني فعلن کي خدا ڏانهن منسوب ڪرڻ ۽ ’قدر‘ جو مطلب آهي، انساني فعلن کي خود انسان سان نسبت ڏيڻ. مسلمانن جي هڪ فرقي ’جبريه‘ جو عقيدو آهي تہ انسان جي هٿ وس ڪجهہ ڪونهي. جيڪي واقعا، حادثا ۽ انساني عمل ٿين ٿا، سي سڀ ﷲ جي طرفان آهن، اٽل آهن ۽ انهن کي ڪا بہ ’بشري طاقت‘ بدلائي نہ ٿي سگهي. هن فرقي موجب آنهن جا عمل سندن تابع نہ هوندا آهن. بلڪ رضا الاهيءَ جي اختيار ۾ هوندا آهن. ’جبريه‘ کي پنھنجي فعل ۾ ڪو بہ اختيار ڪونهي. جيتوڻيڪ هو بيجان شين وانگر ارادي ۽ اختيار کان بلڪل محروم آهي. ’قدريه‘ جو چوڻ آهي تہ انسان پنھنجي فعلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي.