جبل جي ڊاک: هيءُ هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جيڪو ڀوري ۽ ڪاري رنگ جو ذائقي ۾ تيز ۽ خارش پيدا ڪندڙ جابلو ول جو ڦر آهي. هيءُ ڪيڙن مار اثر رکي ٿو، تنهنڪري جوئن وغيرہ مارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. حڪيمن موجب هن سان ڏندن جو سور لھي ٿو هن ۾ ٻہ نهايت زهريلا جوهر آهن، تنهنڪري هن کي اندروني طور استعمال نہ ڪرڻ گهرجي.