جتوئي ارشاد ساگر
جتوئي ارشاد ساگر: سجاول جو مشهور شاعر ارشاد ساگر، جهوڪ شريف لڳ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾، پهرين اپريل 1950ع تي ڄائو. سندس پورو نالو ارشاد احمد ولد محمد عارب جتوئي هو. هن پرائمري تعليم سجاول جي بوائز پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ کان وٺي انٽر تائين تعليم سجاول جي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن شاعريءَ ۾ ابتدا ڪنهن واقعي کان متاثر ٿي ’ڪولهڻ‘ نظم لکڻ سان ڪئي. سندس چاچي ۽ نامياري شاعر محمد خان مجيديءَ کيس ’سوز‘ تخلص ڏنو، پر اڳتي هلي ارشاد ’ساگر‘ تخلص اختيار ڪيو ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ’ارشاد ساگر‘ طور مشهور ٿيو.
ارشاد ساگر شاگرديءَ واري دور ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن (S.S.C.O) ۾ پنهنجي ڀاءُ علي محمد جتوئيءَ سان گڏجي سرگرم ڪارڪن طور حصو ورتو. بعد ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سرگرم ٿي ۽ ٺٽي ۾ محمد خان سومري، اعجاز خواجه، اسماعيل سوهي، بابو غلام حسين، وزير ميمڻ ۽ ستار لوهار ضلعي جي زميندارن سان مهاڏو اٽڪايو پئي ته ڳڀرو ارشاد ساگر به ساڻن اچي گڏيو. هن پيپلز پارٽيءَ ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي محبت ۽ وفاداريءَ سبب ضيائي آمريت جا عذاب به سٺا ۽ 1983 جي ايم. آر. ڊي واري جدوجهد ۾ قيد به ڪاٽيو.
ارشاد ساگر سٺو مقرر ۽ بهترين مضمون نگار به هو. ان ڪري ڪيترا ڀڄن به لکيائين. هن جي شاعري بيتن، واين، نظمن، ٽه سٽن، چؤ سٽن، گيتن ۽ غزلن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام يوسف سنڌيءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ پاران مئي 2010ع ۾ ’اسين مسافر‘ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ارشاد ساگر لا اُبالي ۽ قلندرا نه شخصيت جو مالڪ هو. صاف گو ۽ سڌو سادو، روشن خيال، وطن دوست ۽ يار ويس انسان هو. نامور صحافي فقير محمد لاشاري ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جڏهن ڪار حادثي ۾ گذاري ويا ۽ غلام قادر پليجو ۽ جڳديش ملاڻي شديد زخمي ٿيا هئا ته کين راولپنڊيءَ ۽ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ کڻائي وڃڻ وارن ۾ ارشاد ساگر به شامل هو. فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اُڍيجي جي وڇوڙي کيس جهوري وڌو. ان واقعي کان ستت ئي پوءِ 24 فيبروري 1998ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.