جتوئي شير خان

جتوئي شير خان: صوفي شاعر فقير شير خان جتوئي 1863ع ڌاري ڳوٺ عالي کٻڙ تعلقي وارھہ ۾ پيد اٿيو. سندس والد جو نالو فقير سلطان خان جتوئي هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي، جوانيءَ ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ملازمت دوران درازن جي درگاھہ جو مريد ٿيو ۽ ملازمت ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. فقير شير خان حڪمت ۾ بہ سٺي ڄاڻ رکندڙ هو. شاعريءَ ۾ ’شائق‘ تخلص اختيار ڪيائين. سندس سمورو ڪلام صوفياڻي رنگ ۾ رچيل آهي. علي اڪبر ’اسير‘ قريشي ڪتاب ’لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾‘ ۾ لکيو آهي تہ: سندس هٿ اکري بياض ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کڻي ويو هو، جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جون 322 ڪافيون شامل آهن. ان کان سواءِ فقير شير علي جتوئيءَ جو هڪ ٻيو بياض بہ مليو آهي، جنهن ۾ 155 ڪافيون شامل آهن.

پاڻ 90 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1373 ھہ/ 1953ع ۾ وفات ڪئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو