
عاشق حسين جتوئي
جتوئي، عاشق حسين: عاشق حسين جتوئي، ٻيٽي جتوئي، تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪوئيٽا گرامر اسڪول مان حاصل ڪيائين. سندس تربيت سنڌ جي مشھور سياستدان عبدالحميد جتوئي ڪئي. جنهن ڪري سندس لاڙو سياست ڏانهن رهيو. 1970ع ڌاري عملي طور سـيـاسـت ۾ حـــصـــو وٺـــڻ شروع ڪيائين. 1977ع ۾ بنا مقابلي ايم. پي. اي چونڊيو ويو، ڪجهہ وقت کانپوءِ جنرل ضياءُ الحق مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. جڏهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي تہ ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ميهڙ ۾ تحريڪ جي هر معاملي ۾ پاڻ اڳواڻي ڪيائين، ان دوران کيس جيل جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. ان کانپوءِ جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي تہ هي ان ۾ شامل ٿيو. 1994ع ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽي سان گڏ نئين سياسي سفر جي شروعات ڪيائين. جڏهن مخدوم خليق زمان علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ وقت موڪل جي درخواست ڏني تہ عاشق حسين کي پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ جو قائم مقام صدر مقرر ڪيو ويو. ڀُٽي خاندان سان بي انتها پيار هوندو هئس. شھيد مير مرتضيٰ ڀُٽي سان سياسي وابستگي کانپوءِ هن پنھنجي سموري قوت پارٽيءَ لاءِ وقف ڪئي. 20 سيپٽمبر 1996ع تي ستر ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ شھيد ٿي ويو. ان وقت مير مرتضيٰ ڀُٽي جي گاڏي هي هلائي رهيو هو. سندس آخري آرامگاھہ ٻيٽي جتوئي، تعلقي ميهڙ ۾ آهي.