
جتوئي علي مراد
جتوئي، علي مراد: نامياري راڳي علي مراد جتوئي، 6 جولاءِ 1974ع تي ڳوٺ علي مردان جتوئي، تعلقي ميهڙ ۾ غلام محمد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان ۽ انٽرميڊيئيٽ ميهڙ شھر مان پڙهيو. راڳ رنگ سان دلچسپي ننڍپڻ کان رهيس. اسيمبليءَ ۾ ترانا ۽ اسڪولي تقريبن ۾ گيت ڳائيندو هو. سريلو آواز هئڻ ڪري سڀ کيس ڀائيندا هئا. هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ استاد غلام قادر چانڊيي سندس همت افزائي ڪندي کيس موسيقيءَ جي ابتدائي گُرن کان واقف ڪيو. مشھور فنڪار استاد محمد يوسف جي شاگرديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ علي مراد وٽس پهتو. جنهن کيس 1991ع کان 1994ع تائين ڪوٽڙيءَ ۾ توڙي سنڌ ۾ ٿيندڙ محفلن دوران کيس راڳ سيکاريو. علي مراد جتوئي شروع کان صوفياڻي شاعري کي دل سان ڳايو آهي. سندس پهرين ڪيسٽ 1994ع ۾ آئي. استاد وحيد علي، استاد اشرف علي، ممتاز لاشاري، سرمد سنڌي، سرمد اياز ۽ ٻين فنڪارن سان گهڻي صحبت حاصل رهي اٿس. 1997ع ۾ سندس البم ’زمانو پاڻ ڄاڻي‘ مارڪيٽ ۾ گهڻو مشھور ٿيو. ان بعد سندس ڳايل گيت ’هِير گهُلندي رهي‘ گهڻي شھرت ماڻي. سندس 60 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون ۽ ڪجهہ وڊيو سي. ڊيز بہ رليز ٿيون آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر شهباز، مصري شاھہ جي ميلن تي ڳائي خوب داد ماڻيو اٿس. سندس گيتن جا وڊيوز سنڌي چئنلن تي هلندا رهن ٿا. کيس ڳائڻ تي ڪوٽڙيءَ ۾ بابا صلاح الدين جي ميلي تي انعام؛ ’دادن فقير اوارڊ‘ ۽ ڪجهہ مڃتا سرٽيفڪيٽ بہ مليا اٿس. اڄڪلھہ غريب آباد، ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو .
1974.07.06 عيسوي
مراد جتوئي، 6 جولاءِ 1974ع تي ڳوٺ علي مردان جتوئي، تعلقي ميهڙ ۾ غلام محمد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.