جتوئي غلام رسول خان

جتوئي غلام رسول خان

جتوئي غلام رسول خان

جتوئي، غلام رسول خان: رئيس غلام رسول خان تعلقي موري جي ڳوٺ پراڻا جتوئيءَ ۾ 1905ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد خانبهادر حاجي امام بخش خان جتوئي بہ مشھور شخصيت ۽ ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر رهيو. خانصاحب غلام رسول خان جتوئي ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ”پراڻا جتوئي“ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي. چار درجا پاس ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوشهره مدرسہ اينڊ هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، جتي پاڻ ڇھہ درجا پڙهيو. پاڻ زمينداري توڙي سياست ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ ضلعي نوابشاھہ جو وڏو زميندار ۽ اثر رسوخ وارو سياستدان ليکبو هو. 1930ع ۾ حاجي گل محمد خان جتوئي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. 1931ع ۾ تعلقي ڪائونسل موري جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، 1942ع ۾ سنڌ جي بلوچ قبيلي کيس چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌائي. 1944ع ۾ انگريز حڪومت کيس ’خانبهادر‘ جو ممتاز لقب عطا ڪيو. 1946ع ۾ هن قائداعظم جي اپيل تي اهو لقب ڇڏي ڏنو. ضلعي زمينداري بئنڪ نوابشاھہ جو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمئن پڻ هو. 1946ع کان 1955ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو. پاڻ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ضلعي نوابشاھہ جي مسلم ليگ جو اڳواڻ پڻ رهيو. نوابشاھہ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جو ڀرپور استقبال پڻ ڪيائين. ان کان اڳ خانصاحب، علامہ مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ جو متحرڪ رڪن رهيو، ضلعي نوابشاھہ ۾ قاضي فيض محمد ۽ ٻين سان گڏجي خاڪسار تحريڪ جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
پاڻ 1945ع کان 1953ع تائين ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاھہ جو پريزينڊٽ رهيو، ان عرصي ۾ ضلعي جي سماجي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيائين. تعليم تي خاص توجھہ ڏيندو هو، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي هن ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول هئا. لوڪلبورڊ، هاءِ اسڪول، ڊي سي هاءِ اسڪول، جيڪو هاڻي ايڇ. ايم. هاءِ اسڪول سڏجي ٿو، جي ترقيءَ جو دارومدار رئيس غلام رسول جي ڪوششن تي آهي. ضلعي نوابشاھہ جي زميندارن مان واحد رئيس غلام رسول خان جتوئي هو، جنهن تعليم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو، جڏهن تہ اڪثر زميندارن ان وقت غريب ماڻهن کي تعليم ڏيارڻ جي مخالفت ڪئي. غلام رسول خان جتوئي پنھنجي هڙان شاگردن کي وظيفا، فري بورڊريءَ جو خرچ ڀرڻ، اعليٰ تعليم لاءِ چاھہ ڏيارڻ ۽ هر ڪنهن کي نيڪ صلاح ڏيڻ، سندس مکيہ مقصد هو. پاڻ پنھنجي ڳوٺ نوان جتوئي کي سڌارڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪيائين. هاءِ اسڪول نوان جتوئي قائم ڪرڻ سندس ڪارنامو هو. هاسٽل ۾ رهندڙ ضلعي جي شاگردن جي کاڌ خوراڪ توڙي ٻيو تعليمي خرچ پاڻ ڀريندو هو. مطلب تہ ضلعـي جي تعليـمـي سـڌارن ۾ سندس وڏو هـٿ هـو. پاڻ 17 محـرم الحـرام 1385ھہ/ 19 مئي 1965ع تي وفات ڪئي ۽ کيس پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ سندس والد صاحب جي ڀرسان دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.00.00  عيسوي

رئيس غلام رسول خان تعلقي موري جي ڳوٺ پراڻا جتوئيءَ ۾ 1905ع ڌاري پيدا ٿيو .


1965.05.19  عيسوي

غلام رسول خان جتوئي 17 محـرم الحـرام 1385هه/ 19 مئي 1965ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس لغاري
جالوت
پير محمد پيرل ميمڻ
برهم گپت
ٻيڙو مير بحر
درويش زڪريا
ظفر لغاري
رامچندر ڀڳت
علي احمد قريشي
رضيہ سلطانہ کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون