جتوئي، محراب خان: محراب خان جتوئي، ميان غلام شاھہ جي دؤر ۾ نامور امير طور اڀري آيو. ميان غلام شاھہ جي دؤر ۾ مختلف معرڪن ۾ حصو ورتائين. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ درٻار جو اهم ميمبر رهيو. سن 1189ھہ/1775ع ۾ مير بھرام قتل ٿيو، جنهن ڳالھہ کان باخبر هو. هڪ سال پوءِ لياريءَ جي جنگ ۾ سرڪاري لشڪر سان گڏ وڙهيو، پر ميان غلام نبي ڪلهوڙو مارجي ويو. تڏهن مير بجار جو پاسو ورتائين. سن 1191ھہ/1777ع ۾ ميان عبدالنبي حڪمران بڻيو تہ محراب خان نئين حاڪم جو خاص صلاحڪار بنجي ويو. مير بجار 1194/1780ع ۾ قتل ٿيو. ان وقت پاڻ ميان عبدالنبيءَ سان گڏ هو. ميان عبدالنبي قلات جي لشڪر سان چالڪ جي پل وٽ (ضلعي لاڙڪاڻي ۾) منزل انداز ٿيو، جتي مير عبدالله خان بہ پنھنجي فوج وٺي پهتو. ٻنهي لشڪرن ۾ خونريز معرڪو ٿيو. جنهن ۾ محراب جتوئي شھيد ٿيو .