جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي محمد ابراهيم

جتوئي، محمد ابراهيم: ناليوارو زميندار ۽ سياستدان محمد ابراهيم ولد حاجي اعتبار خان جتوئي، 8 سيپٽمبر 1947ع تي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن 1968ع ڌاري گريجوئيشن ڪئي. سياسي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ سان وابستہ رهيو. هن وقت هو نيشنل پيپلز پارٽي، صوبي سنڌ جو صدر آهي. پاڻ تر جو مشھور زميندار ۽ راڄ جو چڱو مڙس آهي. ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهي. 2002ع واري چونڊن ۾ اين. اي- 202، شڪارپور- I تان ڪامياب ٿي قومي اسيبمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پرڏيهي معاملن، ماليات، دفاع ۽ قانون وارن شعبن سان دلچسپي رهي اٿس. پاڻ صوبائي صحت کاتي سنڌ جو وزير بہ رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ قومي اسيمبليءَ جي ثقافت، راندين ۽ نوجوانن بابت قائم ڪميشن جو ميمبر بہ رهيو آهي. سنڌ ۾ فيصلن جي حوالي سان بہ مشھور آهي. سندس ڀاءُ عابد جتوئي صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.09.08  عيسوي

اعتبار خان جتوئي ، 8 سيپٽمبر 1947ع تي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا حسن عابدي
گل محمد تنيو
جميل الدين عالي
امير بخش شر
آخوند محمد عالم
غلام محمد ساکاڻي
عبدالله مرزا
انصار برني
قمر النساءَ هڪڙو
تسنيم يعقوب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون