جتوئي، مظهر علي، ڪامريڊ: ڪامريڊ مظهر علي جتوئي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. 1934ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتائين. ننڍي هوندي کان محنتي ۽ ذهين شاگرد هو. پنھنجي والد جي سرڪاري نوڪري ۾ هئڻ دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ والد سان گڏ رهيو. بي. اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. گڏوگڏ ايل. ايل. بي بہ امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. پوءِ هن حيدرآباد جي مشھور وڪيل الھہ بچايي آخوند جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1959ع ۾ سندس شادي قاضي محمد صادق جي نياڻيءَ سان ٿي. وڪالت کانپوءِ پيشيورانه ذميدارين جي حوالي سان ڪامريڊ مظهر، نيشنل بئنڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي اعليٰ عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو. ڪامريڊ حيدر بخش جي فرزند هئڻ ڪري منجهس ننڍي هوندي کان ئي جدوجھد جو جذبو موجود هو. ان ڪري پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ سنڌ هاري ڪميٽيءَ کي هڪ ڀيرو منظم ۽ فعال ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيائين. 1995ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر منتخب ٿيو. هن باباءِ سنڌ جي جدوجھد کي هڪ نئون رنگ ڏنو. هن هارين جي حقن جي پرچار ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي اجتماعي قومي مسئلن، خاص ڪري ’ڪالا باغ ڊيم‘ خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي. طبيعت جي بيحد ناسازيءَ جي حالت ۾ بہ ڪالاباغ ڊئم خلاف ڪمون شھيد وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو، سيد امداد شاھہ ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ شريڪ ٿيو، جتي شديد گرميءَ سبب ڪامريڊ مظهر جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ کيس ترت اسپتال پھچايو ويو، پر چند ڏينهن کان پوءِ، 22 آگسٽ 1998ع تي دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪامريڊ مظهر جتوئيءَ کي غلام شاھہ ڪلهوڙي جي مقبري جي صحن ۾، والد ۽ والدہ کان اُتر- اوڀر طرف طرف پارڪ ۾ دفن ڪيو ويو .
1934.00.00 عيسوي
ڪامريڊ مظهر علي جتوئي 1934ع ڌاري گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتائين .
1998.08.22 عيسوي
ڪامريڊ مظهر جتوئيءَ 22 آگسٽ 1998ع تي دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو .