
جتي
جُتي: چمڙي جي صنعت جو عظيم ڪارنامو جُتي آهي. جُتي انساني لباس جو ابتدائي جز آهي ۽ کيس تمام گهڻين سختين ۽ تڪليفن کان نجات ڏياري ٿي. آڳاٽي وقت کان وٺي انسان پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي استعمال ڪندو آيو آهي. اوائلي دؤر جو انسان پيرن جي بچاءَ لاءِ وڻن جا پن يا جانورن جون کَلون ڪم آڻيندو هو. آهستي آهستي چمڙي جي تري واري چپل جهڙي جُتي وجود ۾ آئي. ٻہ هزار سال اڳ ۽ ان کان پوءِ چمڙي مان ٺهيل چپل نما جتيون ٺھڻ لڳيون. خاص ڪري پير جي پٻ مٿان ٻہ پٽيون ۽ کُڙيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪڙي پٽيءَ واري جُتيءَ جو عام رواج هو. سنڌ ۽ هند ۾ پير جي ماپ جون ڪاٺ مان ٺهيل پٽين تي چمڙي يا ڪپڙي جون وڍيون هڻي، جُتي ٺاهي ويندي هئي، جنهن کي چاکڙيون چوندا هئا. ڪن چاکڙين ۾ ڪاٺ جي ٻنجي لڳندي هئي، جيڪا آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ اچي پير کي مضبوط جهليندي هئي. هن وقت ڪاٺ جي چاکڙيءَ جو رواج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي. موجودہ دؤر ۾ چمڙي، ڪپڙي يا ڪنهن ٻئي مواد مان ٺهيل بوٽ ۽ سليپر وغيرہ کي بہ جُتي چيو ويندو آهي. مينگهواڙ جتيءَ کي ’پڳرکي‘ چوندا آهن. اڪثر مينگهواڙن کي ’موچڪي ڪم‘ تي دسترس حاصل آهي، هيءُ ڌنڌو اختيار ڪرڻ وارا سنڌ ۾ موچي سڏجڻ ۾ آيا ۽ موچي پنھنجي هٿن جي محنت ۽ دماغي قوت سان جيڪي جتين جا نمونا ٺاهين ٿا، انهن ۾ هيٺيان خاص آهن:
مرداڻيون جتيونِ: ديسي، سليپر، سنڌڻ جُتي، بوٽ، سپاٽا، سئنڊل، چپل چاکڙيون ۽ مارواڙي جُتي کڙيءَ سان.
زنانيون جتيون: سنڌڻ جُتي ٽؤنر سان، جنهن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن جن ۾ ست ٽؤنري اهم آهي. چندلي واري جتي، جيڪا گهڻو ڪري ڪولهي برادري استعمال ڪندي آهي، جنهن جي کڙي مرداڻي سنڌڻ جُتيءَ جهڙي هوندي آهي. مارواڙيءَ جتيءَ تي ڀرت هوندو آهي، جُتين جا جيڪي ٽي نمونا ڏنا ويا آهن، انهن مان وري هر هڪ جا ڪيترائي قسم آهن.
جُتي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار:
(1) کهيڙي: هيءَ ڪاٺ جي ٺهيل، چمڙي کي نرم ڪرڻ ۽ استري لاءِ ڪم ايندي آهي.
2- ڪارب: ڪاٺ جا ڪارب مختلف سائيزن جا آهن، جن تي جُتين جا نمبر ماپيل هوندا آهن.
3- گوٽي يا موکري: موکري ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي ۽ چمڙي کي ڪٽڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي.
4- ڦرهڙي (ڦروٽي ):ڪاٺ جي مستطيل پٽي، جنهن تي رنبي سان ڪم ڪبو آهي.
5- راپي (رنبي):راپي لوھہ جي ڌار سان هوندي آهي ۽ چمڙو ڪٽڻ ۽ ان کي درست بيهارڻ جي ڪم ايندي آهي.
6- انبوري يا پڪڙ: انبوري ڪوڪا ڪڍڻ ۽ موڙڻ جي ڪم ايندي آهي، هيءَ لوھہ جي ٺهيل هوندي آهي.
7- اڪولائي: اڪولائي لوھہ مان ٺهيل ٽن پيرن واري هوندي آهي. ٻہ پير زمين تي پير لڳل هوندا اٿس ۽ ٽئين پير ۾ جُتي ڦاسائي ان تي ڪوڪا هڻبا آهن.
8- پنجس: پنجس فرمي تي پنو چاڙهڻ لاءِ ڪم ايندي آهي ۽ لوھہ جي ٺهيل هوندي آهي.
9- هٿوڙي: هٿوڙي لوھہ مان ٺهيل هوندي آهي ۽ ڪوڪا ٺوڪڻ جي ڪم ايندي آهي.
10- ڪنڍو: ڪنڍو ڪارب ۾ ڦاسائي، ڪارب کي جُتيءَ مان ڪڍبو آهي.
11- آر: آر، لوھہ جي چهنباري سيخ آهي، جنهن کي هڪ پاسي ڪاٺ جو هٿيو هوندو آهي، هن سان سوراخ ڪري سئيءَ سان ڌاڳو اڪاربو آهي.
12- ڪنڍي: هيءُ آر جو سڌريل روپ آهي، جنهن جي چهنب ۾ کپو هوندو آهي، ان سان ڌاڳي کي پوئتي ڇڪي وٺبو آهي.
13- روئيِ/ روهي: روهي پٿر جي هوندي آهي ۽ اوزار تيز ڪرڻ جي ڪم ايندي آهي.
14- سُنبو: سنبو لوھہ جو ٺهيل هوندو آهي ۽ سوراخن ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي .