جتڻ

جتڻ ڍاٽڻ: جتڻ ٻڪرين جي نسل جو هڪ قسم آهي، جيڪي اڪثر سنڌ ۾ جت قبيلي جا ڀاڳيا پالين ٿا. انهيءَ ڪري ان تي نالو ’جتڻ‘ پيو آهي، جيئن تہ ٻڪرين جو هي نسل ٿر ۾ بہ ملي ٿو، تنهنڪري ’ڍاٽڻ‘ بہ سڏجي ٿو. ڍٽ، ٿر جو هڪ حصو آهي. هن نسل جو رنگ هرڻ جهڙو، ڳاڙهو ۽ ڪارو ٿئي ٿو. هن نسل جون ٻڪريون قد بت ۾ وڏيون، ٽنگون وڏيون، اوھہ وڏو، ڪن لڙيل، وچولا ڪارا اڇا يا ڳاڙها داغ ٿين ٿا. جڏهن تہ نر کي ڪنڌ تي ڪارو ڇلو ٿئي ٿو.


لفظ جتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو