جت علي فقير

جت علي فقير: علي بندر تي هاڻوڪي سم نالي جي موريءَ کان ٿورو اولھہ طرف هڪ قبرستان آهي. جتي هڪ قبر علي فقير جت جي نالي سان موجود آهي، چون ٿا تہ جڏهن ان جاءِ تان درياھہ جو وهڪرو اوج سان وهندو هو. تڏهن علي فقير پاڻ ئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙن کي درياھہ مان ٻيڙيءَ ذريعي پار اُڪاريندو هو. پر ڪڏهن بہ ڪنهن کان پتڻ ڪو نہ ورتائين، تنهنڪري ماڻهو سندس جيئري تہ عزت ڪندا هئا پر سندس مري وڃڻ کان پوءِ بہ سندس قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو