جت ونهيون فقير سالاراڻي

جت ونهيون فقير سالاراڻي: ونهيون فقير، شاھہ لطيف جو پيارو فقير هو. هي اهو ئي فقير هو، جيڪو بيبي صاحبہ جي پلي کائڻ جي سڌ واري روايت موجب پلو وٺڻ ويو هو، ۽ جڏهن شاھہ صاحب کيس سهڪندو ڏٺو تہ مرڳو اولاد تان ئي ارواح کڄي ويس. ٻئي طرف اها بہ روايت آهي تہ شاھہ صاحب جي ’موتي‘ ۽ ’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو. اهي ننڍڙا گلر هئا جي شاھہ صاحب ڪٿي ڏٺا هئا، بک پئي مُئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو ۽ ونهيون فقير انهن جو خاص خدمتگار هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو