
جده
جدہ: جدو/ جدہ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي سعودي عرب جو هڪ بندرگاھہ آهي، جيڪو روڊ رستي مڪي مڪرمه سان ڳنڍيل آهي. گهڻن عرب عالمن ۽ جاگرافيدانن جو چوڻ آهي تہ شھر جو اصل نالو ’جدة‘ آهي. ڪن عالمن جي دعويٰ آهي تہ هتي حضرت بيبي حوا جو مقبرو هو، جيڪو شھر کان گهڻو پري نہ هو، انهيءَ لحاظ سان شھر کي جدہ معنيٰ ’ڏاڏي‘ چيو ويو، اسلام کان ڪي صديون اڳ آباد هو، پر ان جي حقيقي اهميت جو آغاز تڏهن ٿيو، جڏهن 26ھہ/646ع ۾ حضرت عثمان رضه، ڏکڻ طرف واري پراڻي بندر گاھہ الشعيبة جي جاءِ تي جدہ کي مڪي جو بندرگاھہ قرار ڏنو، ان بعد اسلامي دنيا جو قبلو ۽ مرڪز هئڻ جي ڪري مڪو عظيم شھر بنجي ويو، جنهن جو سامان مصر ۽ هندستان کان اچڻ لڳو. چوٿين ۽ پنجين صدي هجريءَ ۾ بندر جي آمدنيءَ جو ذريعو حاجين کان وصول ٿيندڙ ٽئڪس هو. ان وقت شھر ۾ ديوار ڏنل ڪا نہ هئي. هتي مڪي جو هڪڙو غلام حڪمران هو، جنهن جو ڪم محصول جي وصولي هو. ابن جبير هڪ صدي پوءِ هن شھر جو احوال هن طرح لکيو: هتي ڪکن ڪانن جون جهڳيون، پٿر جون سرائون (مسافر خانا) ۽ مسجدون هيون. عباسي خلافت جي زوال بعد جيڪا تجارت بصري جي وسيلي ٿيندي هئي، اها پوءِ جدي مان ٿيڻ لڳي. بحري جھاز مصر مان سون، معدنيات ۽ يورپ مان اوني ڪپڙو کڻي انهن جهازن سان گڏبا هئا جيڪي هندستان مان خوشبو، عطر، رنگ، چانور، کنڊ، چانھہ، اناج ۽ قيمتي پٿر کڻي ايندا هئا. 908ھہ/1502ع ۾ جڏهن پورچوگيزين جي اوڀر سمنڊن ۾ آمد شروع ٿي ۽ هنن مسلمان جھاز رانن تي حملا ڪيا تہ جدي جي بندرگاھہ لاءِ گهڻو خطرو پيدا ٿي ويو، جنهن جو مقابلو ملڪي حڪمرانن ۽ عثماني خليفن وڏي جرئت سان ڪيو. ان وقت جي گورنر حسين الڪروي 917ھہ/1511ع ۾ هن شھر جي چوڌاري هڪ قلعو تعمير ڪرايو. 948ھہ/1541ع ۾ جدي تي قبضي ڪرڻ جي آخري ناڪام ڪوشش ڪئي، جنهن جو شريف ابونميءَ مقابلو ڪيو. سلطان سليمان هن ڪامياب دفاع جي صلي ۾ هن کي جدي مان وصول ٿيندڙ رقم جو اڌ حصو ڏنو. جدي جي تاريخ ۾ يارهين ۽ ٻارهين صدي هجري/ سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ تائين ڪو بہ اهم واقعو پيش نہ آيو، پر تيرهين صدي هجري/ اوڻهين صدي عيسويءَ ۾ جدي کي ڪيترن ئي انقلابن مان لنگهڻو پيو. 1217ھہ/ 1803ع ۾ وهابي شريف غالب کي قيد ڪرڻ بعد شھر تي قبضو نہ ڪري سگهيا، نيٺ شريف غالب، پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. 1226ھہ/1811ع تائين جدي تي وهابين جو قبضو رهيو. ايستائين جو محمد علي پاشا جدي تي عثماني حڪومت قائم ڪئي. 3 ذوالقعد 1274ھہ/ 15 جون 1858ع ۾ جدي ۾ هڪ هنگامو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ غير ملڪي بہ شامل هئا. 1334ھہ/ 1916۾ جڏهن شريف حسين عربن جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو تہ جدو پهريون شھر هو، جنهن تي سندس قبضو ٿيو. ربيع الاول 1343ھہ/ آڪٽوبر 1924ع ۾ سعودين جڏهن مڪي تي قبضو ڪيو تہ پوءِ جدو، علي بن الحسين جي حڪومت جو گاديءَ هنڌ بنجي ويو. انهيءَ دوران شريفن ۽ وهابين جي وچ ۾ اقتدار جي ويڙھہ لاءِ جدو مرڪز بڻيل هو. جمادي الثاني 1344ھہ/ جنوري 1925ع کان لڳاتار هڪ سال تائين وهابي فوجين شھر جو گهيرو ڪيو. آخرڪار جمادي الثاني 1343ھہ/ڊسمبر 1925ع ۾ جدي تي وهابين جو مڪمل قبضو ٿي ويو. 1345ھہ/1927ع ۾ عبدالعزيز بن سعود ۽ گلبرٽ ڪلٽين جدي ۾ گڏيل ملاقات ڪئي، جنهن مطابق برطانيا، سعودي حڪومت جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو. انتظامي طور تي هينئر هتي هڪ قائم مقام گورنر حڪومت ڪندو آهي، جيڪو مڪي جي گورنر جي ماتحت هوندو آهي. شھر جي هڪ چونڊيل ميونسپل ڪميٽي آهي. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جدي جي تجارت گهڻي ترقي ڪئي آهي. 1946-1947ع ۾ شھر ۾ موجود قلعي کي ڪيرايو ويو ۽ شھر کي ٽن طرفن ۾ وڌايو ويو. جدہ جي وڏين وڏين عمارتن ۾ ڪسٽم هائوس، ميونسپالٽيءَ جي آفيس ۽ حڪومت جا دفتر وغيرہ شامل آهن. شھر جي ڏکڻ طرف واري ڪناري تي هڪ جديد طرز جو بندر گاھہ آهي، جنهن ۾ ٻن نشستن وارو هڪ هزار ٽي سئو فوٽ ڊگهو پليٽ فارم آهي. هن بندرگاھہ تي اٺ لک ٽن سالياني حساب سان تجارت جو سامان لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو آهي. شھر ۾ هڪ صحت جو مرڪز هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي۽ ٻہ دارالحجاج موجود آهن. جن مان هڪ ايئرپورٽ جي ڀر ۾ ۽ ٻيو بندرگاھہ جي ڀر ۾ آهي، جدي ۾ حاجين لاءِ سرڪاري هوائي اڏو ۽ بحري هوائي اڏو آهن، جتي هو مڪي وڃڻ لاءِ لهندا آهن. هتي گهڻيون ئي صنعتون آهن، جن ۾: ”سيمينٽ ۽ سنگ مر مر جا ڪيترائي ڪارخانا قائم آهن“. هتي جي آبادي 10 لکن کان وڌيڪ آهي .