
جذام
جذام/ڪوڙھہ (Leprosy ):ڪوڙھہ بہ ٻين بيمارين جھڙوڪ سلھہ، مدي جي بخار، ڪالرا وغيرہ وانگر هڪ بيماري آهي، ڪوڙھہ جي بيماري هڪ خاص قسم جي جيوڙي مائوڪو بيڪٽريم ليپري (Mycobactrium Leprae) سبب ٿئي ٿي. هي جيوڙو ناروي جي ڊاڪٽر هينسن 1871ع ۾ ڳولي لڌو. ان لحاظ کان هن جيوڙي کي هينسن بيسليس (H. Bacillis) سڏيو ۽ هن مرض کي هينسي مرض بہ سڏيو ويندو آهي. هن مرض جا جيوڙا شڪل شباهت ۾ سلھہ جي جيوڙي سان ڪجهہ مشابهت رکن ٿا.
نشانيون: ڪوڙھہ جو حملو چمڙي ۽ تنتن تي ٿيندو آهي. حملي جي شروعات ۾ عام طور تي چمڙي جي رنگ کان هلڪو اڇو ۽ ڳاڙهسرو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ قسم جي خارش ۽ سور نہ ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شروعات ۾ مريض اهڙي داغ ڏانهن ڪو بہ خيال نہ ڏيندو آهي، جيڪو پوءِ آهستي آهستي وڌي ويندو آهي. ان داغ واري هنڌ جي هيٺين چمڙي بي حس ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح داغ ۾ جيڪڏهن سئي هنئي وڃي تہ مريض کي ان جو احساس نہ ٿيندو آهي. اهڙا داغ جسم جي ڪنهن بہ حصي تي ٿي سگهن ٿا. جڏهن تہ اهي داغ گهڻو ڪري منهن، ٻانهن ۽ ٽنگن جي مٿين حصن پٺي ۽ چتڙن تي ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٺونٺ جي ڀرسان وارين تنتن (ULner Nerves) يا گوڏي جي ڀر وارين تنتن (Politial Nerves) ۾ سخت سور ٿي پوندو آهي، اهي تنتون پنھنجي اصلي حالت کان وڌيڪ ٿلهيون ٿي وينديون آهن ۽ کين ڇھڻ سان سور جي شدت ۾ واڌارو ايندو آهي. ٽئين صورت اها بہ ٿي سگهي ٿي تہ جسم تي بظاهر ڪو بہ داغ نظر نہ ايندو آهي، پر مريض جي چمڙي سرخي مائل ٿلهي ٿي ويندي آهي.
قسم: ڪوڙھہ جي بيماريءَ جا ٻہ قسم آهن:
وچڙندڙ (Infectious ):هي قسم هڪ مريض کان ٻئي مريض کي لڳي سگهي ٿو.
اڻ وچڙندڙ (Non-Infectious):جيڪو هڪ مريض کان ٻئي ماڻهوءَ کي وچڙي نٿو سگهي.
وچڙندڙ ڪوڙھہ جو مريض جيڪڏهن ٽن مهينن کان ڇھن مهينن تائين لڳاتار دوا استعمال ڪندو رهي تہ ان جو مرض اڻ وچڙندڙ ٿي ويندو، جيڪو بيماريءَ جي قسم ۽ نوعيت جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهي ٿو.
جڏهن ڪو ماڻهو وچڙندڙ قسم جي ڪوڙھہ واري مريض سان گڏ رهندو هو تہ ان جي مرض جا جيوڙا ٻئي ماڻهن جي جسم ۾ ننڍن ڦٽن، زخمن ۽ رهڙن وسيلي سندس جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. وچڙندڙ قسم جي مريض جي کنگهڻ، نڇن ۽ ڇڪن ذريعي هن مرض جا جيوڙا صحتمند انسان جي جسم ۾ داخل ٿي بيماري پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪوڙھہ جي جيوڙن جو حملو گهڻو ڪري کل ۽ کل جي هيٺيان موجود تنتن تي هوندو آهي .