جراڙ: مرد جو نالو، سنڌ جي هڪ نيم تاريخي عشقيہ داستان ’بوبنا جراڙ‘ جي مکيہ ڪردار جو نالو آهي. ڄام جراڙ سمو هو ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪومت ڪندو هو ۽ بوبنا پڻ بادشاهي گهراڻي جي خوبصورت شھزادي هئي. هن داستان ۾ جراڙ مرد (عاشق) ۽ بوبنا عورت (معشوق) آهي.