جراڙ پوٽا سادات

جراڙ پوٽا سادات: هن نسب جا سادات سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. جراڙ پوٽن سيدن جو جد امجد سيد حيدر بن سيد مير علي هراتي801 ھہ مطابق 1398ع ۾ پنھنجي والد ۽ ڀائرن سميت امير تيمور جي لشڪر سان برصغير ۾ آيو ۽ امير تيمور جي قتلام جي منظرن کان تنگ ٿي پنھنجي والد سيد مير علي جي اجازت سان ’سنڌ‘ ڏانهن روانو ٿيو ۽ سنڌ ۾ هالا ڪنڊي (هاڻي هالا) جي شھر ۾ پهتو، تڏهن شاھہ محمد هالي پٽ دريا خان هالي جي حويليءَ سامهون گهر ڪري ويٺو. اُن وقت هالن جي حاڪم ميران محمد، هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن قصور ڪري 525 روپيا ڏنڊ وڌو هو، جنهن ڪري هو تمام موڙهل ۽ ڏکويل هئا. سيد حيدر وٽ ناڻو جام هو، سو في الحال ميران محمد کي پاڻ، اها ساري رقم پنھنجي هڙان ڀري ڏنائين ۽ هالن جي جند آزاد ڪرايائين. انهيءَ احسان جي بدلي ۾ محمد ’هالي‘ نالي شخص سيد حيدر کي پنھنجي نياڻي سڱ ۾ ڏني جنهن جو نالو ’بيبي فاطمہ‘ هو. جيئن تہ سيد حيدر جي والدہ سڳوريءَ جو نالو پڻ ’فاطمہ‘ هو. تنهن ڪري سندس نالو مٽائي ’بيبي صاحب سلطان‘ رکيائين. سيد حيدر جو شجرهءَ نسب مٿي وڃي
حضرت عليعه سان ملي ٿو. سندن شجره نسب هن ريت آهيِ: سيد حيدر بن سيد مير علي بن سيد محمد بن سيد حسين بن سيد مير علي شاھہ بن سيد احمد بن سيد احمد عرف حسين بن سيد يوسف عرف ابراهيم بن سيد علي الحواري بن سيد علي الحسن بن سيد جعفر ثاني بن حضرت امام موسيٰ ڪاظم بن امام محمد جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسينعه بن امام عليعه. جراڙ پوٽن جو جد امجد سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ هڪ سال ۽ پنج مهينا رهيو. تنهن کانپوءِ پنھنجي والد بزرگوار سيد مير علي جي وصال جو ٻڌي هرات واپس وڃڻ جو ارادو ڪيائين. تنهنڪري پنھنجي حرم کي هڪ ٽڪ واري منڊي، هڪ جڙادار خنجر ۽ هڪ قديم خانداني ٻانهي خدمت لاءِ ڏئي وصيت ڪيائين تہ جي پٽ ڄمي تہ نالو ’مير علي‘ رکجوس ۽ جي نياڻي ڄمي تہ ڏاڏيس وارو نالو رکجو. اهو بندوبست ڪري پاڻ هرات روانو ٿيو اُتي پهچڻ کانپوءِ 3 سال 27 ڏينهن جيئرو رهيو. سيد حيدر کي هرات ۾ پهرين شاديءَ مان ٻہ فرزند هئا: هڪ سيد محمد ۽ ٻيو سيد حسين. گهڻو وقت سيد حيدر جي وفات جي خبر سنڌ وارن کان محفي رهي.
هالا ڪنڊي ۾ پڻ سيد حيدر کي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سندس فرمودي موجب مير علي رکيائون. مير علي جڏهن جوان ٿيو تڏهن پنھنجي والد جي حقيقت کان واقف ٿي، منڊي خنجر ۽ ٻانهي ساڻ ڪري هرات جي واٽ ورتائين ۽ اتي هن کي معلوم ٿيو تہ سندس والد گذاري ويو آهي. هن پنھنجي ملڪيت جو حصو ڀائرن کان حاصل ڪري ڪجهہ وقت هرات ۾ رهي، مال متاع جو ٽيون حصو وٺي، سنڌ ڏانهن موٽي آيو ۽ سندس چاچو مير شرف الدين پڻ ساڻس گڏجي آيو، جنهن ڪجهہ وقت کانپوءِ هتي (سنڌ) ۾ وفات ڪئي. ان جي وفات کانپوءِ سيد مير علي هالائي ٻہ شاديون ڪيون هڪ هالا قبيلي مان ۽ ٻي ترڪن مان جن مان کيس ٽي فرزند ٿيا. سيد احمد، سيد شرف الدين ۽ سيد مرتضيٰ جو اولاد ترتيب وار مبين پوٽا، شرف پوٽا ۽ ميرڻ پوٽا يا سيد ڌونرن هڱورن وارا سڏجڻ لڳا. انهيءَ سيد مير علي جي پشت مان جراڙ پوٽن جو شجرو جاري ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. سيد مير علي ’متعله‘ (جنهن کي هاڻي مٽياري سڏيو وڃي ٿو) شھر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. انهيءَ ڪري سندس اولاد کي متعلوي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ متعلوي ساداتن مان جراڙ پوٽا پڻ آهن. جراڙ پوٽن ساداتن جو جد امجد سيد جلال عرف جراڙ هو جنهن جو والد سيد شرف الدين بن سيد مير علي هو ۽ سيد جراڙ نائين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ ان جي اولاد کي ئي جراڙ پوٽا سادات ڪوٺيو وڃي ٿو. جنهن مان ڪئين اڪابر اوليا، قطب ۽ درويش ٿي گذريا آهن، جيئن حضرت سخي شاھہ رڪن الدين، سخي سيد هاشم شاھہ (مٽياري وارو) سيد عبدالڪريم شاھہ بلڙي وارو، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح، سيد جراڙ شاھہ ثاني، سيد جلال شاھہ مست، سيد حاجي قاسم شاھہ، سيد شير محمد شاھہ خدائي ۽ ٻيا جيڪي سڄي سنڌ ۾ سڃاتا وڃن ٿا. اهڙي ريت جراڙ پوٽا سادات هيٺين شاخن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. جن ۾ (1) پيرزادا، اولاد سخي هاشم شاھہ ۽ سخي پير رڪن الدين شاھہ جنهن جو حاضر الوقت سجادہ نشين پير الهيار شاھہ هـاشـمـي آهي. (2) ڪريم پوٽا- اولاد شاھہ عبدالڪريم (3) ڀٽائي سادات (4) مناڻي- سيد عبدالمنعم شاھہ جو اولاد ٽکڙ جا ساڪن آهن. (5) حسن پوٽا ۽ اجناڻي شامل آهن. هي جراڙ پوٽا سادات: ضلعي حيدرآباد، ضلعي مٽياري، ڄامشوري، ڀٽ شاھہ، ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پکڙيا پيا آهن.


لفظ جراڙ پوٽا ساداتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو