جرح و تعديل: علم حديث ۽ فقہ جو هڪ اصطلاح، جرح جي معنيٰ آهي: تنقيد ڪرڻ، عيب ڪڍڻ ۽ تعديل جي معنيٰ آهي سچو ۽ قابل اعتبار ثابت ڪرڻ. علم حديث جي اصطلاح ۾ هن جي معنيٰ آهي: حديث جي راوين جي معتبر ۽ غير معتبر هجڻ جي تحقيق ڪرڻ، فقہ جي اصطلاح ۾ هن جي معنيٰ آهي: اعتبار جوڳين ۽ غير معتبر روايتن بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ. حديث جي راوين جي پرک نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي زماني کان ئي شروع ٿي چڪي هئي، پر ان کي فن جي صورت پوءِ ملي. حديث جي هن فن ۾ جن خدمتون سرانجام ڏنيون، تن ۾ اهل بيت ڪرام، حضرت بن عبدالله الانصاري'>جابر بن عبدالله الانصاري، حضرت ابن عباس، انس بن مالڪ،شعبي ابن سيرين، امام مالڪ، ابن المبارڪ، ابن عينيه، عبدالرحمٰن ابن المهدي ۽ يحيٰ بن معين شامل آهن. امام احمد بن حنبلرضه جي دؤر ۾ ’اسماءَ رجال‘ (ماڻهن جي نالن) جو فن پنھنجي عروج تي هو.