جرم ديھہ

جرم ديھہ: جرم ديھہ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي هڪ قديم ديھہ آهي. ڪلهوڙا دور ۾ قاضي مخدوم احمدي پنھنجي ڀاءُ مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ 1174ھہ/ 1769ع ۾ مقامي حڪومت جي مسند تي ويٺو، احمد شاھہ ابدالي، قاضي احمديءَ جو وڏو معتقد هو. هندستان تي ڪاھہ دوران هن بزرگ وٽ حاضري ڀري هئائين ۽ فقيرن جي خرچ ۽ لنگر لاءِ کين تر جون ڪجهہ ديهون جاگير طور ڏنيون، انهن ديهن ۾ جرم ديھہ بہ موجود هئي، جيڪا اڄ تائين سندس اولاد جي هٿ ۾ آهي.


لفظ جرم ديھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو