جروار، عزيز الله، ڪامريڊ: شاھہ ولي ﷲ جي فڪر جو مبلغ، مولانا عبيدالله سنڌي جو شاگرد، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي جو هم ڪلاسي، محمد امين کوسي جو خاص دوست، حيدر بخش جتوئيءَ جو تحريڪي ساٿي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ همراز اٽل ارادي وارو انقلابي ۽ زندگيءَ جي آخري پل تائين اٻوجهہ ماڻهن ۽ ڪمزور طبقن، پيڙهيل عوام ۽ خاص طور هارين جي بحالي ۽ خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مولوي عزيز ﷲ جروار تقريباً 13-1912ع ڌاري ڳوٺ گل محمد جروار تعلقي شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. ڳوٺ گل محمد جروار ڳڙهي خيري کان اٺن ڏهن ميلن تي ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي. مولوي عزيز ﷲ جروار پنھنجي ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس ۾ قائم ملان مڪتب ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشھور مدرسن ۾ پڙهيو. جن ۾ ميرو خان، گورو پهوڙ ۽ ٺيڙهيءَ جا مدرسا شامل آهن. مولوي صاحب انهن مدرسن مان عالم، فاضل ۽ مولوي جي سنَد حاصل ڪئي ۽ دستاربند ٿيو.
مولوي صاحب جي طبيعت ۾ تلاش ۽ جستجو جو عنصر تمام گهڻو هو، خاص ڪري قرآن فهيمي سان سندس جنون جي حد تائين عشق هو. ان ڪري قرآن فهيمي لاءِ مختلف عالمن ڏي رجوع ڪيائين، انهن ۾ پنجاب ۾ واھہ پڃران جي هڪ بزرگ جي هاڪ هئي، هيءُ اوڏانهن روانو ٿيو، ريل ۾ سفر دوران ڪي مولوي مليس، جن کي پنھنجي مدعا ٻڌايائين تہ انهن کيس چيو تہ: ’تسُين سمندر ڪُون ڇوڙڪي قطري نال پيا ويندا اي‘، سندن اشارو مولانا عبيدالله سنڌي ڏانهن هو، پر جيئن تہ مولوي صاحب ارادو جو پڪو هو ان ڪري واھہ پڃران ڪشالا ڪري پهتو. اهو بزرگ ان وقت انتهائي ضعيف ٿي چڪو هو، ان ڪري مولوي صاحب کي پنھنجي هڪ شاگرد جي حوالي ڪيائين. مولوي صاحب ٽي چار مهينا اتي رهيو، پر سندس پياس پوري نہ ٿي، موٽي شھدادڪوٽ آيو، جتي اچي مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي خط لکيائين، جيڪو ان وقت پير جهنڊي ۾ درس ۽ تدريس سبب مشھور هو. مولانا سنڌيءَ جي جواب پهچڻ تي مولوي صاحب اتي پهتو، مولانا سان ملاقات ڪيائين ۽ مولانا سنڌيءَ کان ايترو تہ متاثر ٿيو جو آخري گهڙيءَ تائين سندس ڳڻ ڳائيندو رهيو. ڪولهين کان هڪڙي جهوپڙي حاصل ڪيائين ۽ اتي رهائش ڪري مولانا کان قرآن فهيمي جو سبق وٺڻ شروع ڪيائين. بعد ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي بہ اتي اچي پهتا ۽ سندس هم ڪلاسي ٿيا ۽ انهيءَ جهڳيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا، ائين سنڌ جي تاريخ جا چار روشن منارا ڪجهہ وقت پاڻ ۾ گڏ رهيا. هڪٻئي کان رنگ ورتائون، انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ قرآن فهيمي، سيرت پاڪ، فلسفي، منطق، تاريخ، سياست، اسلام جي معاشي نظر ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ عالم اسلام جي سياسي تحريڪن تي بحث مباحثا ٿيندا رهيا.
مولانا عزيز ﷲ جروار، مولانا سنڌيءَ جي پوين ڏينهن ۾ سندس سفر ۾ ساٿي ٿي رهيو. بيماريءَ ۾ هن سندس تيمارداري ڪئي ۽ وڏي خدمت ڪري مولانا سنڌيءَ جون دعائون حاصل ڪيون، مولانا عزيز الله، مولانا سنڌيءَ جي دوستن ۽ شاگردن مان آخري باقي بچيل شاگرد ۽ دوست هو، جنهن جي لاڏاڻي سان سنڌ جي تاريخ جو هي باب پڄاڻي تي پهتو.
مولانا عزيز ﷲ جروار، مولانا سنڌي ۽ ٻين دوست عالمن جي صحبت ۾ هڪ طرف شاھہ ولي ﷲ جي فڪر ۽ حضرت ابوذر غفاري جي معاشي نظريي طبقاتي جدوجھد واري سياست جا رنگ حاصل ڪيا تہ ٻئي طرف سندس شناسائي لاڙڪاڻي ضلعي جي باضمير ۽ بي باڪ اڳواڻن سان ٿي، اهي هئا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ مولانا نذير حسين جتوئي جيڪي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندا رهيا، انهن جي شناسائي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ۽ پاڻ مولوي معاذ نوابشاهي ۽ مولانا محمد شاھہ امروٽيءَ سان هاري ڪاميٽيءَ هارين مزدورن ۽ پيڙيل طبقن جي جدوجھد ڪندڙن سان گڏ رهيو ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو حامي رهيو.
مولوي صاحب هاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏيرن، ميرن پيرن، جاگيردارن خلاف برسر پيڪار رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش واري اليڪشن هجي يا شيخ عبدالمجيد سنڌي واري چونڊ مھم ۾ مولوي صاحب ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر ويو، عزيز ﷲ مجروح جا هاري گيت ڳائيندو رهيو. نتيجي ۾ کيس صعوبتون سهڻيون پيون ۽ جيل بہ ڪاٽڻو پيو. پاڻ لوڪل ڪائونسل جي اليڪشن ۾ مشھور جاگيردار ۽ نواب سيف ﷲ مگسي سان مقابلي ۾ بيٺو ۽ تمام ٿورن ووٽن سان هارايائين. مولوي صاحب، سائين جي. ايم. سيد جو بہ ساٿي رهيو ۽ ٻئي طرف هڪ سچي ۽ مومن مسلمان طور سندس تعلقات امروٽ، هاليجي، بائيجي ۽ دين پور جي درگاهن ۽ انهن جي سجادہ نشينن سان بہ رهيا. مولانا ابوالڪلام آزاد، حسين احمد مدني سان بہ واسطا رهيس. مولانا عطاءُ ﷲ شاھہ بخاري ۽ احمد علي لاهوري، کڏي واري بزرگ ۽ محمد صادق جھڙا عالم وٽس ايندا ويندا رهندا هئا، جڏهن تہ مولانا دين محمد وفائي، علي نواز وفائي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڪامريڊ رمضان شيخ، برڪت آزاد، شاھہ محمد شاھہ، امر لال، نور ﷲ ملڪ، سرور سيف، هادي بخش مهر، ڄام ساقي ۽ ٻيا عالم، اديب، شاعر، صحافي، هاري اڳواڻ، سياسي سماجي اڳواڻ، ڪارڪن ٻڍا توڙي جوان سندس حلقئہ احباب ۾ شامل هئا.
مولوي عزيز ﷲ 1956ع ۾ مولوي نذير حسين جتوئي تڙت جي معرفت ڪٽنب سميت پني عاقل لڏي آيو ۽ اتي قومي شاهراھہ ڀرسان زمينون حاصل ڪري پنهنجو ڳوٺ ٻڌائين، جيڪو سندس نالي پٺيان عزيزآباد طور مشھور آهي. انهيءَ عزيزآباد هر قسم جي سياسي ڪارڪنن، اديبن، مولوين ۽ ڪامريڊن جي مهمان نوازي پئي ڪئي آهي ۽ سياسي تحريڪن ۽ ميڙاڪن جو مرڪز رهيو آهي.
جڏهن هاري ڪاميٽي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات بعد بحران جي ور چڙهي تہ مولوي عزيز ﷲ هاري ڪاميٽيءَ جي اڳواڻي سنڀالي ۽ ڪاميٽيءَ جو صدر ٿيو ۽ پنهنجون ذميواريون مؤثر نموني نڀائيندي نہ صرف هاري ڪاميٽيءَ کي متحد، منظم ۽ مضبوط ڪيو پر پنھنجي دور ۾ هاري هلچل هلائي ۽ هاري ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. مولوي صاحب انتهائي خوددار، سادگي پسند، بااعتماد، پراميد، ارڏو، مستقل مزاج ۽ بيباڪ شخص هو. هو عمر ڀر ڪنهن کان نہ ڊنو ۽ نہ هار مڃيائين. مولوي صاحب غريبن جو همدرد، بي پھچ ماڻهن، مسڪينن جو واهر وسيلو، هن پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي ئي زمين تي خانہ بدوش جوڳين، اوڏن ۽ باگڙين کي ڳوٺ ٻڌائي ڏنا ۽ مسڪين ماڻهن کي پنھنجي ذاتي زمين مان پلاٽ ٺاهي گهر اڏڻ لاءِ ڏنا. هنن انهن لاءِ مسڻ ۽ قبرستان بہ پنھنجي زمين مان ڏنا، سندس چوڻ هو تہ هي غريب اوڏ، جوڳي ۽ باگڙي منهنجا ٻچا آهن. هنن کي خوش ڏسي مان روحاني سڪون محسوس ڪندو آهيان.
مولوي عزيز ﷲ جروار اصل ۾ سنڌ ۾ ڪامريڊن ۽ مولوين وچ ۾ هڪ پل جو درجو رکندڙ هو، جنهن کي سڀئي ڌريون انتهائي عزت ۽ احترام سان ڏسنديون هيون ۽ کيس مان ُ ڏينديون هيون. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، وٽس وسيع لائبريري هئي، جنهن مان هن وڏو حصو پنھنجي جيئري کڏڙي جي مدرسي حوالي ڪيو. مولوي عزيز ﷲ جروار جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾: ’جي جيءُ جيارين‘ ۽ ’ڏوٿين ڏُٿ چتائيو‘ ۽ ٻيا شامل آهن .
1912.00.00 عيسوي
عزيز الله جروار تقريباً 13-1912ع ڌاري ڳوٺ گل محمد جروار تعلقي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو .