جريڪو
جريڪو (Jericho ):فلسطين جو هيءُ شهر عراق نديءَ جي اولهندي ڪناري تي موجود آهي. هي شهر ‘Dead Sea’ واري رستي تي سمنڊ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اتر ۾ آهي. هن شهر کي دنيا جو قديم ترين ڳوٺ ڪري مڃيو وڃي ٿو. جيڪو 900 ق. م ڌاري آباد ٿيو. جريڪو کي عربيءَ ۾ ’اريها‘ (Ariha) جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ڪعناني ۽ عبراني زبان جي لفظ ريچ (Reah) مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ’خوشبودار‘. عبرانيءَ ۾ هن شهر کي يريحو (Yariho) ڪري سڏين ٿا. هن لاءِ روايتون آهن ته هيءَ شهر ڌرتي تي پهرين بستي هو، جيڪا اوائلي انسانن طرفان آباد ڪئي وئي هئي ۽ هتي ئي سڀ کان پهرين ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ٿي. هن شهر مان اوڀر متعلق ڪارائتي معلومات ميسر ٿئي ٿي. سڀ کان اول اڻ ڄاتل ماڻهن اين ايز سلطان ’Ein as Sultan‘ نالي واري چشمي وٽ والار ڪري ڪي جايون ٺاهيون ۽ پنهنجا پوڄا گهر اڏيا. هتي انهي والار جا نشان 800 کان 7000 ق. م تائين جا ملن ٿا. ان کانسواءِ 6800 ق. م ۾ ٿيل ڪنهن جنگ جا آثار پڻ ملن ٿا، جيڪا يقيني طور والار کان ترت پوءِ ڪئي وئي هوندي. ان کان پوءِ نون ماڻهن جي لڏي اچي بستي وسائڻ جا آثار به هتان مليا آهن. انهيءَ دور جون ڪجهه کوپڙيون به دريافت ٿيون آهن، جن مان هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت انومان ڪڍيا ويا آهن. انهيءَ دور ۾ پيتيءَ تي ڪٽ چٽسالي نمونن کان سواءِ ڪي قبرون به مليون آهن جن ۾ معلوم ٿئي ٿو ته اتان جا ماڻهو پنهنجا مردا پوريندا هئا. 680 ق.م کان 4500 ق. م تائين هيءَ بستي پنهنجي ثقافت سميت آباد رهي، ان کان پوءِ هن بستيءَ ڪافي ترقي ڪئي، جو 2600 ق. م تائين جا آثار (جن ۾ اڏاوتون اهم آهن) هتي موجود آهن. ڌاتو ۽ پٿر جي وچئين دؤر (1700 ق. م) ۾ به هيءَ بستي موجود هئي ۽ هتي ماڻهو رهندا پئي آيا، جو بستي جون حدون ڪافي پکڙيل نظر اچن ٿيون. ڪاربان ڊيٽنگ (Carbon Dating) مان پتو پوي ٿو ته هيءَ بستي 1617 ۽ 1530 ق.م ۾ به باقاعدي پنهنجو وجود رکندي پئي آئي. 336 ۽ 323 ق.م ۾ به هيءَ بستي سڪندر يونانيءَ جي حڪومت جو حصو رهي. 2 صدي ق.م ۾ سريا جي جنرل بڇيڊيز (Bachides) هتي قلعا ٺهرايا، جن مان هڪ قلعو اڃا به موجود آهي. هيءُ شهر قلوپطره کي مارڪ انٿونيءَ طرفان تحفي ۾ مليل هو، جنهن کي هيروڊ(Herod) ٺيڪي تي ورتو ۽ اهڙيءَ ريت بستي رومي سلطنت جو حصو ٿي وئي.
661ع ۾ جريڪو دمين جي سلطنت جي ڏهين خليفي هاشم ابن عبدالملڪ هتي وڏيون عمارتون خيرت الصفجار نالي جوڙايون، جن ۾ مسجدون به شامل هيون، جيڪي 747ع واري زلزلي ۾ شهيد ٿي ويون.
عباسي ۽ فاطمي خليفن جي وقت ۾ به هيءَ بستي پنهنجي عروج تي هئي. اسلامي دور کان پهرين هتي زراعت جي شروعات ٿيل ڏسجي ٿي. انهيءَ ئي دور ۾ کجين جي وڏي پوک ٿي، جنهنڪري هيءُ شهر ’کجين جو شهر‘ سڏجڻ لڳو. سلجوقين جي دور (1071ع) ۾ هن شهر چڱي ترقي ڪئي ۽ هتي ڪافي چرچ ٺاهيا ويا ۽ ڀر ۾ هڪ ٻيو شهر به جوڙيو ويو. 1226ع ۾ ياقون صمدي هيءُ شهر ڏٺو هو، جنهن لکيو آهي ته: ”هتي کجين جا وڻ گهڻا آهن، کنڊ اعليٰ قسم جي ٺهي ٿي ۽ ڪيلن جا وڏا وڏا باغ آهن. 14 هين صدي عيسوي ۾ ابو الفدا لکي ٿو ته: جريڪو ۾ گندرف جا ذخيرا هئا. عثماني حڪومت ۾ به هيءُ شهر وسيل هو. نير هتان جي وڏي پوک هئي. جتان حڪومت کي آبيانو وصول ٿيندو هو، پر ان جي حيثيت هڪ ڳوٺ واري هئي. 19 صديءَ ۾ يورپي عالمن هن ڏانهن توجهه ڏنو ۽ پهرين کوٽائي ٽيل ايز سلطان (Tell as Sultan) ۾ 1867ع ۾ ٿي ۽ کوٽايون، پوءِ ترتيبوار 1901ع ۽ 1904ع ۾ ٿيون. 2001ع کان هيءُ جريڪو جي هٿ هيٺ آهي.
جاگرافيائي بيهڪ طور جريڪو سامونڊي سطح کان 258 ميٽر هيٺاهين تي وادي ڪيلٽ جارڊن ماٿريءَ ۾ اين. ايز سلطان نالي چشمي جي ڀر ۾ موجود آهي. سلطان جي دڙي جون ٽي الڳ کوٽايون ٿيون آهن جيڪو به جريڪو بستيءَ جو حصو آهي چارلس وارن (Charles Warren) 1868ع ارنيسٽ سيلين (Ernst Sellin) ۽ ڪارل وزنجر (karl watzenger) مختلف وقتن تي هتي کوٽايون ڪيون آهن.
جريڪو کان به قديم شهر سنڌ ۾ سيوهڻ جي نالي سان موجود آهي جيڪو هزارين سالن کان جڏهن انسان غار ۾ رهندو هو، پنهنجو وجود رکندو آيو آهي، پر هن بستيءَ تي تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. سنڌ جو هيءُ واحد شهر آهي، جتي انسان جي رهائش جا، شڪاري دور کان به اڳ جا آثار ملن ٿا ۽ هيءُ شهر (سيوهڻ) اڄ تائين وسيل آهي .