جرڳي جو هڪ منظر
جرڳو: بلوچ قبيلن، پٺاڻن ۽ ٻين قبائلي سٽاءَ ۾ رهندڙ قومن ۽ قبيلن جي عام ماڻهن ۾ ٿيندڙ تڪرار ۽ ڏوهن جي نبيري لاءِ قبيلي جي سردارن پاران ڪوٺايل گڏجاڻيءَ کي جرڳو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٻنهي قبيلن جا سردار ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندا آهن. اهو فيصلو ٻنهي ڌرين کي قبول ڪرڻو پوندو آهي. جرڳي ۾ ڪنهن به ڌر پاران اڳرائي ڪرڻ تي ڏنڊ رکيو ويندو آهي. جرڳي ۾ سياسي مداخلت کي ڪا به اهميت نه هوندي آهي. سردارن جو فيصلو ئي حتمي سمجهيو ويندو آهي، جرڳا ڪوٺائڻ جو رواج بلوچن ۾ آڳاٽي زماني کان وٺي آهي ۽ اڄڪلهه سنڌ ۾ به قبائلي جهيڙن جا فيصلا جرڳن ذريعي ڪيا وڃن ٿا. آڳاٽي وقت ۾ بلوچ خانه بدوشن ۽ زراعتي ٽولن جي اجتماعي زندگي، رسم ۽ رواج ۽ شريعت جي اصولن تي ٻڌل هوندي هئي. جزا ۽ سزا جو اختيار اثر رکندڙ ماڻهن ۽ زميندارن وٽ هو. اهڙيءَ طرح انهن بااثر ماڻهن جا اختيار محسوس ڪرائڻ لاءِ بزرگن جا جرڳا ڪوٺايا ويندا هئا. انهن جرڳن ۾ مولوي صاحب شرڪت ڪندا هئا ۽ قبيلي جا سڀئي ننڍا وڏا مسئلا حل ڪندا هئا. انهن جرڳن ۾ بدڪاريءَ وارن معاملن کان سواءِ باقي سڀني ڏوهن جي سلسلي ۾ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ وڏي جو فيصلو حتمي سمجهيو ويندو هو. جهيڙن جا فيصلا مقرر اجرت وٺي ڪيا ويندا هئا. فيصلي ۾ کٽيندڙ ڌر کان جائداد جو چوٿون حصو ورتو ويندو هو. بلوچن جا ڪجهه اخلاقي اصول، جن جو هر بلوچ پابند هو، سي هيٺ ڏجن ٿا:
1- خون جو بدلو خون.
2- پناهه ۾ ايندڙ شخص جي حق ۾ وڙهڻ، ايتري قدر جو جان جي بازي به لڳائڻي پئجي وڃي. اهڙي شخص کي پناهه نه ڏيڻ جيڪو قبيلي جي رسمن جي ڀڃڪڙي ڪري ۽ قبيلي جي ساک کي نقصان رسائي.
3- مهمان نوازي ڪرڻ ۽ مهمان جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ.
4- امانت جي حفاظت
5- بلوچ ڪنهن به عورت ۽ ٻار کي قتل ڪرڻ کان پاسو ڪندو.
6- جيڪڏهن ڪو ڏوهي ڪنهن پير جي مزار ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي ٻاهر اچڻ تائين قتل نه ڪبو.
7- جيڪو شخص شڪست قبول ڪري ڏوهه جو اقرار ڪندو ته ان کي معاف ڪيو ويندو.
8- جيڪڏهن ڪا عورت دشمنن جي وچ ۾ وڃي بيهي يا ڪو شريف ماڻهو مٿي تي قرآن پاڪ کڻي بيهي ته لڙائي بند ڪئي ويندي.
جيڪڏهن قاتل ۽ مقتول سماجي لحاظ کان ساڳيءَ حيثيت جا مالڪ ۽ هڪ ئي قبيلي سان تعلق رکندا هجن ته جرڳي ۾ خون جو بدلو قاتلن کان ئي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن قاتل خون ڪرڻ کان پوءِ ڀڄي وڃي ته بدلو ان جي حمايتي يا ويجهي عزيز کان ورتو ويندو آهي. جيڪڏهن قاتل جو تعلق ڪنهن ٻئي قبيلي سان آهي ته پوءِ مقتول کي اهو حق ڏنل هوندو آهي ته هو ان قبيلي جي ڪنهن به فرد کي قتل ڪري. بلوچن ۾ خونن تي ٿيندڙ دشمني تمام شديد هوندي هئي ۽ اڃا تائين هلندڙ آهي. اها ان وقت تائين جاري رهندي آهي، جيستائين ڪو ماڻهو وچ ۾ پئي سندن صلح نه ڪرائي. متاثر خاندان بدلي جي عيوض جيڪڏهن ڏنڊ وٺڻ چاهيندو آهي ته ان جي ٿيندڙ نقصان جو حساب لڳائي اڳرائي ڪندڙ ڌر کان ڏنڊ وصول ڪيو ويندو آهي. ماضيءَ ۾ بلوچن وٽ خون بها جا معيار مختلف هئا. مثلاً: کوسا، جمالي ۽ عمراڻي قبيلن ۾ قتل ٿيندڙ فرد جو خاندان هڪ ڇوڪري ۽ 200 رپيا نقد وٺندو هو، جيڪڏهن ڇوڪري نه وٺبي ته سڄو ڏنڊ نقد جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو. آڳاٽي وقت ۾ سبي ۽ ڪچ گنداواهه جي قبيلن ۾ قتل ٿيل فرد جي ڏنڊ ۾ هڪ ڇوڪري، 200 رپيا نقد، هٿيار ۽ تلوار ڏنا ويندا هئا. مري قبيلن ۾ خون بها تمام گهڻو هو، جيڪي 1000 روپيا نقد، ڇوڪري ۽ هٿيار وٺندا هئا. اک يا هٿ ضايع ٿيڻ جو ڏنڊ قتل جي تاوان جي اڌ جيترو هوندو هو. روحاني شخص، سيد يا سردار جي قتل جي عيوض ٻيڻو يا ٽيڻو ڏنڊ ورتو ويندو هو. اوڻيهين صديءَ جي وچ واري دؤر ۾ خان آف قلات قومي عدل جو اصول نامو واضح ڪيو ۽ اڀرندي بلوچستان جي سمورن قبيلن جي رسم ۽ رواج جي معيارن کي قانوني شڪل ڏني وئي. ان اصول نامي کي شريعت جي حڪمن ۽ برٽش انڊيا جي عدالتي فقرن سان گڏ تڪميل پذير بڻايو ويو. ان اصول نامي تحت قتل جا فيصلا سردارن طرفان جرڳن ۾ اٿاريا ويندا هئا، پر انهن جو حتمي فيصلو انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي سفارش سان ٿيندو هو. خون جي بدلي خون منع قرار ڏنو ويو ۽ ان جو عيوض ڏنڊ قرار ڏنو ويو،
جيڪڏهن عورت جو پنهنجي مرد کان سواءِ ڪنهن غير مرد سان تعلق هوندو هو ۽ سندس مڙس کي ان جي خبر پوندي هئي ۽ شاهدن جي شاهديءَ کان پوءِ ان کي اهو حق حاصل هوندو هو ته هو پنهنجي زال ۽ سندس زانيءَ کي قتل ڪري ڇڏي. ان صورت ۾ مقامي خانَ ۽ مُلا قتل کي قانوني شڪل ڏيندا هئا ۽ قتل ٿيندڙ جي عزيزن کي اهو حق نه هوندو هو ته هو قاتل کان بدلو وٺن. ان کان سواءِ مال يا ٻين شين جي چوري پڻ وڏي خيانت سمجهي ويندي هئي ۽ چوري ڪندڙ جو ڪلهي تائين هٿ ڪپيو ويندو هو. ڪجهه قبيلن ۾ چوري ٿيندڙ شيءِ جي ٻيڻي قيمت ۽ ڪجهه قبيلن ۾ وري چور کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. انگريز سرڪار به بلوچن جي انهن رسمن رواجن کي ختم نه ڪيو، پر انهن رسمن کي برقرار رکڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري، ڇو ته ان ۾ سندن فائدو هو. اهي بلوچ علائقا جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان باقاعدي شامل نه ٿيا هئا، انهن علائقن ۾ انگريز حڪومت فيصلن جو اختيار اتي جي سردارن ۽ روحاني اڳواڻن کي ڏئي ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان ۽ سنڌ ۾ بلوچن جي اڪثريتي علائقن ۽ سنڌ جي اترئين ضلعن لاڙڪاڻي، شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ اڄ به سردارن پاران جرڳي نما ميڙاڪا ڪوٺائي قبيلائي تڪرارن کي فيصلن ذريعي حل ڪيو وڃي ٿو، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ سردار به شريڪ ٿين ٿا. انهن فيصلن ۾ ڏوهي قرار ڏنل ڌُر تي ڳرا ڏنڊ، سڱ چٽيون يا ڪٿي ڪٿي ڪاروڪاريءَ جي الزام هيٺ قتل جون فتوائون به ڏنيون وينديون آهن.
جرڳا اڪثر افغانستان توڙي پاڪستان جي اترئين (قبائلي) علائقن ۾ ٿين ٿا. لويا جرڳا جنهن کي Grand Jirga به چون ٿا، اهو به افغاني قبيلن ۾ رائج آهن، جيڪي ڪن اهم قبائلي فيصلن، صلاح مشورن، اڳواڻن جي چونڊ لاءِ توڙي پوليٽيڪل ايجنٽن معرفت ڪي علائقائي سياسي مسئلا نبيرڻ لاءِ منعقد ٿيندا رهيا آهن. لويه جرڳن ۾ قبائلي سردارن، عام ماڻهن توڙي عملدارن جو وڏو ميڙ ڪَٺو ٿيندو آهي. چيو وڃي ٿو ته افغانستان ۾ ارڙهين صديءَ جي آغاز کان وٺي لويه جرڳا ٿيڻ شروع ٿيا آهن. ويجهي ماضيءَ طالبانن سان امن جي قيام لاءِ به افغاني حڪومت لويه جرڳا منعقد ڪيا.
پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان اندر بلوچستان ۾ سيپٽمبر 2006ع ڌاري بلوچ اڳواڻن، سردارن ۽ حڪومت وچ ۾ اهڙو جرڳو منعقد ٿيو هو، جنهن ۾ بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون ويون.
سنڌ ۾ اڪثر قبائلي جهيڙا ڪاروڪاريءَ جي الزامن هيٺ، چوري يا خون جي پلاند ۾ شروع ٿين ٿا، جن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. پسند جي شادين تي به اڪثر عورتن جي حقن جي لتاڙ ڪندي سندن جانين کي خطري مان گذرڻو پوي ٿو ۽ جرڳن ۾ انساني حقن، خاص ڪري عورتن جي حقن کي نظر انداز ڪندي، ڪي سردار کين ڪاري قرار ڏئي، مارڻ يا خون بها عيوض سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ جهڙا فيصلا به ڪري چڪا آهن، جن ۾ ڪي معصوم نياڻيون به اهڙن ظلمن جو شڪار ٿيون آهن. اهو سمورو نظام اسلام جي آمد کان اڳ واري ’دور جاهليه‘ جي ياد ڏياري ٿو، جنهن کي هتي تسلسل مليل آهي. اڄڪلهه بلوچستان ۽ سنڌ جون ساڃهه وند ڌُريون ۽ سماجي تنظيمون اهڙن جرڳن خلاف آواز اٿارينديون رهن ٿيون اهڙي پسمنظر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اپريل 2004ع ڌاري جرڳن تي پابندي مڙهي هئي.