جزيو: هيءُ اصطلاح، لفظ ’جزا‘ مان نڪتل آهي. اسلامي تشريح موجب ’جزيو‘ ان وقت واجب ٿيندو آهي، جڏهن غير مسلم دشمن هٿيار ڦٽا ڪن ۽ مسلمانن سان سندن معاهدو اسلامي اصولن مطابق طئي نٿو ٿئي ۽ اهي پنھنجي مذهب تي قائم رهندي، ﷲ تعاليٰ ۽ رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جي حفاظت ۽ ذميداريءَ ۾ اچڻ قبول ڪن. جزيي تي وصولي فقط هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ٿيندي. جيڪڏهن ڪو غير مسلمان، مسلمان ٿيندو تہ ان تان جزيو معاف ٿي ويندو آهي. جزيي جي رقم ايتري تہ گهٽ مقرر ڪئي وئي آهي، جو هر ڪو اها ادا ڪري سگهي ٿو. جزيي جي وصوليءَ ۾ نرميءَ جي تلقين ڪئي وئي آهي، جزيي جي رقم امام ابو حنيفہ جي دؤر ۾ اميرن تي 48 درهم ۽ غريبن تي 24 درهم مقرر ڪئي وئي هئي. اهل ڪتاب ۽ مجوسي کان جزيو وٺڻ بابت سمورن فرقن وارا متفق آهن. امام ابو حنيفہ جي چوڻ موجب عرب کان سواءِ هر ڪافر ۽ مشرڪ کان جزيو وٺي سگهجي ٿو. پوءِ ڇو نہ اهو مجوسي هجي يا صابي يا بت پرست. نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم يهودين، نصارن ۽ مجوسين کان جزيو وصول ڪري کين مذهبي آزادي عطا ڪئي هئي .