جسونت سنگهہ ۽ جئسنگهہ: مغل بادشاھہ شاھجھان جي اولاد ۾ تخت ۽ تاج تي وڏا اختلاف هئا. دارا شڪوہ ولي عھد ۽ شاھجھان جو پيارو پٽ هو، پر اورنگزيب هن سان حسد رکندو هو. ان ڪري 1067ھہ/1656ع ۾ جڏهن شاھجھان بيمار ٿيو تہ اها ڪشمڪش اڃا بہ وڌي وئي ۽ نيٺ رمضان 1068ھہ/1657ع ۾ اورنگزيب پنھنجي پيءُ شاھجھان کي بيماريءَ جي حالت ۾ قيد ڪري پهرين ذوالقعد 1068ھہ/ 21 جولاءِ 1658ع تي پنھنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو. بعد ۾ پيءُ تي ظلم ۽ ڀائرن کي قتل ڪري تخت تي غاصبانه قبضو ڪيائين. ان کانپوءِ عالمگير ۽ دارا شڪوہ جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ دارا شڪوہ کي شڪست آئي ۽ هن سنڌ ڏانهن رخ ڪيو.
دارا شڪوه، جسونت سنگهہ کي پنھنجي مدد لاءِ پاڻ سان ملايو، پر ان کان اڳ ۾ ئي عالمگير جئپور جي راجا جئہ سنگه کي خط لکيو تہ دارا شڪوہ جيئن ئي گجرات پهچي، کيس گرفتار ڪيو وڃي. راجا جئہ سنگه ذاتي طور دارا شڪوہ جو سخت مخالف هو. هڪ دفعي جئہ سنگه رنگا رنگي ڪپڙا پائي درٻار ۾ آيو تہ دارا کلندي طنزيہ انداز ۾ کيس ٽوڪيندي چيو هو. اڄ ميراثين جهڙو پيو لڳين. اها ٽوڪ هن کي تمام ڏکي لڳي هئي ۽ هميشہ پيو وجهہ ڳوليندو هو تہ پلاند وٺان. آخرڪار هن معاملي ۾ راجا جئسنگهہ، جسونت سنگهہ کي دارا شڪوہ کان باغي ڪري وڌو ۽ جسونت سنگهہ راجا جئسنگهہ جي مدد سان عالمگير وٽ حاضر ٿي منصب ۽ جاگير بحال ڪرائي موٽي جوڌپور پهتو. دارا شڪوہ کي جڏهن هن معاملي جي خبر پئي تڏهن پنھنجي پٽ سپهر شڪوہ کي جسونت سنگهہ ڏانهن جوڌپور موڪليائين، پر شھزادو سپهر شڪوہ نا اميد ٿي موٽي آيو. جسونت سنگهہ جي بيوفائي دارا شڪوہ کي مجبور ڪيو تہ پنھنجي لشڪر تي ڀاڙي عالمگير سان جنگ ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ اجمير وٽ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي (11 کان 13 مارچ 1659ع) تائين لڳي، جنهن ۾ دارا کي شڪست ملي. دارا نهايت بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ڪڇ جو رڻ اُڪري، بدين کان ٿيندو ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر کان ٿيندو سيويءَ پهتو، جتي 29 رمضان 1069ھہ/ 10 جون 1659ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. دارا قيديءَ جي حيثيت ۾ دهليءَ پهتو، جتي اورنگزيب جي حڪم تي دارا جو مٿو اگهاڙو ڪري ٻانھون پٺيءَ پويان ٻڌي، هاٿيءَ تي چاڙهي کيس دهليءَ جي شھر ۾ گشت ڪرايو ويو ۽ انهي ڏينهن 29 آگسٽ 1659ع تي عالمگير خلاصي درٻار ڪوٺائي دارا جي قتل جو حڪم جاري ڪيو. دارا کي پنھنجي پيءُ شاھجھان سان گڏ قيد ۾ رکيو ويو. دارا جي قتل حڪم جو ٻڌي سڄي شھر ۾ فساد جي باھہ ڀڙڪي اٿي، انهن حالتن کي مد نظر رکندي عالمگير حڪم ڪيو تہ دارا جو جلد از جلد سر قلم ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ جلد دارا جو سر قلم ڪيو ويو. جئسنگهہ ۽ جسونت سنگهہ ٻنهي ملي دارا کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي دارا جو تعاقب ڪندا اچي نصرپور رسيا، اتان کان هالا ۽ پوءِ بکر وٽ رسيا، جتي کين جيئن ئي دارا جي گرفتاري جي خبر ملي، ٻئي تيزيءَ سان سيريءَ ڏانهن روانا ٿيا .