جسڪاڻي محمد مٺل

جسڪاڻي محمد مٺل

جسڪاڻي محمد مٺل

جسڪاڻي، محمد مٺل: ليکڪ محمد مٺل جسڪاڻيءَ جو جنم، 15 جنوري 1961ع ۾ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان پلانٽ پيٿالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين، اتي ئي 1984ع تائين کُنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائڻ واري پهرئين تحقيقاتي پروجيڪٽ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، 1989ع کان باغبانيءَ واري تحـقـيـقـاتـي اداري مـيـرپـورخـاص ۾ اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالاجسٽ ۽ 1994ع کان زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هيءُ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان زرعي معلوماتي مضمون به لکندو رهي ٿو، هن جا زرعي ۽ ادبي موضوعن تي 100 کان وڌيڪ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هيءُ ماهوار ’جديد زرعي کوجنا‘ جو ايڊيٽر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.15  عيسوي

مٺل جسڪاڻيءَ جو جنم ، 15 جنوري 1961ع ۾ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي ، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت حسين ڊاڪٽر
پيرزادو عبدالمجيب
انيتا غلام علي
عبدالستار زرگر
لڇمڻ ڪومل
ايسر سنگهه بيدي
مخدوم سجاد حسين قريشي
چئناڻي حشمتراءِ آتما
حاڪم علي شاهه بخاري
حڪيم غلام رسول لاکو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون