جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي، مشتاق: سنڌ جي نامياري اداڪار مشتاق جسڪاڻيءَ 1931ع ڌاري سرهاڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم گريجوئيشن آهي. گريجوئيشن بعد پوليس کاتي ۾ صوبيدار ٿيو. پر اداڪاريءَ جي شوق ۾ نوڪري ڇڏي ڏنائين. سنڌي ڊرامن ۽ فلمن لاءِ اداڪار طور سندس ڪم هميشہ ياد رهندو. هو سٺو شاعر بہ رهيو آهي. سندس شعر ”مون اهڙي خطا ڪانہ ڪئي، مون توکي دل سان پيار ڪيو“ تمام مشھور آهي. هن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات 1965ع ڌاري اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهرين سنڌي فلم ’رنگ محل‘ ۽ پهريون سنڌي ڊرامو ’زينت‘ آهن. سندس آخري فلم ’پرھہ‘ ۽ آخري پي ٽي وي ڊراموراڄ ڀاڳ‘ هو. مشتاق جسڪاڻي پنھنجي ڪيريئر دوران 450 ٽي وي ڊراما ڪيا، جن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جا سيريل، لانگ پلي ۽ سولو پلي شامل آهن. سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين جي ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. سنڌ ٽي وي جي ٽيلي فلم ’شمن ميرالي‘ ۽ ’مان عاشق تنهنجو آهيان‘ ۾ بہ ڪم ڪيائين. هن جو سنڌ ٽي وي تـان آخـري ڊرامـو ’هـاءِ ڙي بـابـا‘ ٽيـليـڪـاسٽ ٿيو. جڏهن تہ هن سولو پلي ’گناھہ ۽ اعتراف‘ جي ڊائريڪشن بہ ڏني. مشتاق جسڪاڻي 19 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾: ’پرو‘، ’سوڍا پٽ سنڌ جا‘، ’رنگ محل‘ ۽ ’دشمن‘ وغيرہ اهم آهن. مرحوم 25 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ ريڊيو ڊرامن ۾ بہ صـداڪـاري ڪئي. سندس پي ٽي ويءَ جي مشھور ڊرامن ۾ اردو سيريل ’ديوارين‘ ۽ سنڌي سيريل ’راڻي جي ڪهاڻي‘ اچن وڃن ٿا. ’ديوارين‘ ۾ سندس ڪردار تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ خاص ڪري سندس ڊائلاگ ’بات هي ڪه جُٺ هي‘ ۽ ’بات هي سمجهہ ڪِي‘ تمام گهڻا مشھور ٿيا ۽ هن سيريل کيس ملڪي سطح تي تمام وڏي مشهوري ڏني. ’ديوارين‘ جي ڪردار تي مشتاق جسڪاڻيءَ کي ثقافتي تنظيمن ڪيترا اوارڊ بہ ڏنا، پر ’ديوارين‘ سميت کيس ڪنهن بہ سيريل تي پي ٽي وي اوارڊ نہ ملڻ جو ڏک آخر تائين رهيو. اداڪاريءَ سان گڏ ڊرامن جي ڊائريڪشن ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون ۽ فلمي گانا بہ لکيا، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران کيس بھترين اداڪار جو ’مادر وطن‘ لائيف ٽائيم اوارڊ بہ مليو. هن نامياري اداڪار 2009ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.00.00  عيسوي

مشتاق جسڪاڻيءَ 1931ع ڌاري سرهاڙيءَ ۾ جنم ورتو .


2009.00.00  عيسوي

مشتاق جسڪاڻي 2009ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر هروي
پير پاڳارا خاندان
ڀنڀرو ڀنڀرا
شاھہ بيگ ارغون
شاھہ محمد شرنائي
پاڻيڻي
آچاريه آسودومل ٽيڪچند گدواڻي
دلير دِل خان
ابڙو نجم الدين
حميد شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون