جعفري ضمير

جعفري، ضمير: 1916ع ڌاري ڪوچڪ عبدالخالق ضلعي جھلم ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جھلم مان حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ اسلاميہ ڪاليج لاهور مان بي. اي ڪيائين. صحافتي زندگيءَ جو آغاز روزاني ’احسان‘ لاهور کان ڪيائين. مولانا چراغ حسين ’حسرت‘ جي هفتيوار ’شيرازہ‘ ۾ سندس مددگار رهيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران هندستان جي فوج ۾ ڪميشن ڪيائين ۽ ميجر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. ضمير جعفري بي پناھہ ادبي ۽ تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور پهريون انعام ’همايون گولڊ ميڊل‘ سر شيخ عبدالقادر جي هٿان مليو. 1978ع ۾ سندس ڪتاب ’ڪتابي چھرہ‘ تي پهريون ’آدم جي ادبي اوارڊ‘ مليو. 1984ع ۾ ’صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي‘ ۽ پوءِ ’تمغه قائداعظم‘ بہ حاصل ڪيائين. سيد صاحب آخري عمر تائين ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. سندس لاتعداد تصنيفون آهن)، سندس شعري تصنيفن ۾: ’مسدس بي حالي‘، ’مافي الضمير‘، ’قريه جان‘، ’زيور وطن‘، ’جزيرون ڪي گيت‘، ’وه ڦول ڪه جن ڪا نام نهين‘، ’ولائتي زعفران‘، ’گورخند‘، ’گزشير خان‘، ’ضميريات‘، ’نشاط تماشه‘، ’من ميله‘، ’نعت نذرانه‘، ’ارمغان ضمير‘، ’ميرا پاڪ وطن‘، ’من مندر اور من ڪي تار‘ ۽ نثري تصنيفن ۾: ’هندستان ۾ دو سال‘، ’ملايا ڪي لوگ‘، ’اڙتي خاڪي‘، ’ڪتابي چهري‘، ’ميٺا پاني‘، ’نظر عباري‘، ’جنگ ڪي رنگ‘، ’سفرنامه‘، ’جمع خبرنامه‘، ’ڪالي گوري سپاهي‘، ’سورج ميري پيڇي‘، ’ڪنگرو ڪي ديس ۾‘، ’ڪارزار ۽ آنريري خسرو‘ شامل آهن. هن مئي 1999ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

جعفري ضمير 1916ع ڌاري ڪوچڪ عبدالخالق ضلعي جهلم ۾ پيدا ٿيو .


1999.05.00  عيسوي

جعفري ضمير مئي 1999ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو شاهنواز
قيصر نقوي
ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر
مولانا محمد نصرالله سومراڻي
دلو راءِ
پلي، محمد عثمان
امجدي بانو
ڏيڌڙو روشن علي
امام بخش امام زرداري
استاد پيارو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون