
غلام حسين جعفري
جعفري، غلام حسين: غلام حسين جعفري سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ بدين ۾ سينيٽري ڪاميٽي ۽ پوءِ ٽائون ڪاميٽي بدين جو ميمبر رهيو ۽ بدين جي سياست تي گهڻو وقت ڇانيل رهيو. پير عالي شاھہ، حاجي احمد ملاح، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري ۽ ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي جو همعصر هو. 1965ع ۾ پاڪستان هندستان جي جنگ دوران پاڻ مجاهد فورس جي انچارج جي حيثيت سان ڏينهن رات بدين شھر ۾ دورا ڪندو رهيو ۽ بليڪ آئوٽ کي ڪامياب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سندس قيادت ۾ نوجوانن فعال ڪردار ادا ڪيو. هو انجمن شاھہ خراسان بدين جو باني هو. انجمن جي لائبرريءَ جو بنياد بہ پاڻ وڌائين. سندس حياتيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ’انسان ڪامل ۽ ڪاروان ڪربلا‘ شايع ٿيا. ثقافتي، ادبي، سماجي خاص ڪري مذهبي سرگرمين ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. هيءُ پهرين سيپٽمبر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو