جعفر جاني

جعفر جاني

جعفر جاني

جعفر جاني: نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر محمد جعفر ولد سر سبحاني ڊومڪيءَ، 05 مارچ 1972ع تي ڳوٺ حسين بخش گولاٽو، تعلقي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. هن پرائمري محرابپور مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان 87-1986ع ۾ ڪئي ۽ ڪجهہ سالن جي وقفي کان پوءِ، انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان انٽر ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1997ع ڌاري ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ساڳئي سال سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل سان وابستہ رهيو.
جعفر جانيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ سماجي شعور موجود آهي. 1992ع کان پوليس ملازمت ڪري رهيو آهي. جعفر جانيءَ جو شمار سنڌ جي انهن چند شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي غزل کي نئون موڙ ڏئي پنھنجي حيثيت ٺاهي آهي. سندس شاعريءَ تي ناليوارن شاعرن شيخ اياز ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جو گهرو اثر آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’ڳوڙهن ڳاڙهو ويس‘ آگسٽ 2011ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٺل طرفان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.03.05  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر محمد جعفر ولد سر سبحاني ڊومڪيءَ، 05 مارچ 1972ع تي ڳوٺ حسين بخش گولاٽو، تعلقي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خاڪي
افتخار عارف
ڀرتري هري
سيد مصري شاھہ امام رضوي
امام علي جنجهي
فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو
محمد روشن ٺٽوي
خوشحال خان خٽڪ
الھنواز نواز رُڪڻائي
عراقي فخرالدين شيخ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون