جعفر خان کوسو: خان کوسو'>جعفر خان کوسو لاڙڪاڻي جي کوسن جو سردار هو. ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو: ”خان کوسو'>جعفر خان کوسو لاڙڪاڻي طرف کوسن ۽ ٻروچن جو سردار هو ۽ اتي پنھنجي رياست قائم ڪيو ويٺو هو. جڏهن سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي پهريون دفعو پنھنجي ڀائرن سان صلح ڪري سنڌ جو ٽيون حصو پنھنجي قبضي ۾ ڪيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو بہ اچي ويو هو، ان وقت لاڙڪاڻي ۽ ان جي آسپاس کوسن ڦرلٽ ۽ فساد برپا ڪري ڏنو ۽ بغاوت ڪرڻ لڳا، ايستائين جو جعفر خان کوسي خدا آباد کي ڦرڻ لٽڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو. جڏهن ان بغاوت جي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي خبر پئي، تڏهن ميان غلام شاھہ خان پنھنجي لشڪر سميت لاڙڪاڻي پهتو ۽ پهچڻ سان جعفر خان ۽ ٻين کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين، جن جي پٺيان هزارين کوسا ميان غلام شاھہ جي فوج سان وڙهندي قتل ٿي ويا. کوسن سان گڏ ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر بہ بغاوت ڪئي هئي. “