جعفر شاھہ مورائي: موري تعلقي جو مشھور استاد جعفر شاھہ مورائي 1901ع ۾ موري شھر ۾ جنم ورتو، پاڻ مٽياري سيدن جي خاندان مان هو ۽ سندس والد جو نالو غلام محمد شاھہ هو. سنڌي فائنل نمايان نمبرن سان پاس ڪرڻ بعد، پرائمري استاد ٿيو ۽ اڳتي هلي بيٽ آفيسر مقرر ٿيو. عربي، فارسي ۽ اردوءَ جو ماهر هو، تقرير ۽ تحرير ۾ ڀڙ هو. شاھہ جو رسالو سمورو ياد هئس، علمي ادبي ذوق جو مالڪ هو، سندس تخليقون ماهوار المهراڻ، ملا مخزن ۽ اخبار تعليم ۾ شايع ٿينديون هيون. هزارين ڪتابن جي ذاتي لائبريري هئس، جيڪا بعد ۾ صادق آل محمد لائبريري موري کي ڏنائين. نماز، روزي جو پابند ۽ هٿ جو سخي ۽ مهمان نواز هو. سنڌي ٻوليءَ سان وڏي محبت رکندو هو، سندس شاگردن ۾ استاد محمد ڇٽل سرهيو، نامور اديب قاضي نذير مورائي، قاضي محمد علي اختر مورائي، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، خدا بخش سھتو ۽ ٻيا شامل آهن. سندس وڏو فرزند سيد پناھہ علي شاھہ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. سندس ٻيو فرزند سيد اشرف علي شاھہ سنڌي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس ٽيون فرزند معصوم علي شاھہ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر هو، چوٿون فرزند سيد ناصر علي شاھہ ناصر مورائي جي نالي سان مشھور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، سندس پنجون فرزند محبوب علي شاھہ مورائي مشھور قومي ڪارڪن هو، ڇهون فرزند سيد نثار علي شاھہ آمريڪا ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو آهي. سيد جعفر علي شاھہ مورائي، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو .
1901.00.00 عيسوي
جعفر شاهه مورائي 1901ع ۾ موري شهر ۾ جنم ورتو
1990.05.14 عيسوي
جعفر علي شاهه مورائي ، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي