جعفر، مخدوم بوبڪائي: مخدوم جعفر ’بوبڪ‘ جو رهاڪو هو ۽ اتي ئي پير منبي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هن بزرگ جو تعلق بوبڪ جي قديم ’عباسي‘ گهراڻي سان آهي.
مخدوم جعفر ڏهين صدي هجريءَ جو مشھور عالم آهي ۽ 930 ھہ/ 1524ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران هو، جيڪو علم ۽ ڪمال جو صاحب هو.
مخدوم جعفر عربي ۽ فارسي پنھنجي والد وٽ پڙهيو. هي بھترين استاد، وڏو عالم، تعليمي ماهر، حڪمت، نجوم، جعفر ۽ رمل جو ڄاڻو هو. ان سان گڏ حديث ۽ تصوف جو پڻ صاحب هو. هيءُ بزرگ، شاھہ بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاھہ وقت زندھہ هو، يعني سمن جي دور جو بزرگ هو. مخدوم بلاول جي شهادت (1523ع) وقت مخدوم ويهن پنجويهن ورهين جو هو. مير علي شير قانع سندس ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران، مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليت جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا تہ هڪ ڏينهن مخدوم نوحرح فرمايو ته، ’مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي.‘ مخدوم جعفر فرمايو ته، ’توهان هنن اکين سان ڪو نہ ڏٺو هوندو. هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر توهان کي گهرجي تہ جڏهن بہ توهان کي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنھنجي اکين بند ڪرڻ جو امر فرمايو. پوءِ بہ جيڪڏهن خدا تعاليٰ جو ديدار قائم آهي تہ پوءِ يقين ڄاڻو تہ اها اک نہ هيءَ ظاهري اک ۽ اهو ديدار هيءُ رواجي ديدار نہ آهي.‘ مخدوم نوح هن تجربي ڪرڻ کانپوءِ فرمايو ته، ’جي نہ هجي ها جعفر تہ نوح ٿئي ها ڪافر.‘
مخدوم جعفر ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ’الصادق المصنف المحق‘، ’عجالته الطالبين‘، ’فتح الدارين‘، ’حل اعقود في طلاق السنود‘، ’البشارته في العمل بالاشارته‘، ’نهج التعلم‘، ’المتانته في مرمته الخزانته‘ ۽ ’حاصل النهج‘ مشھور آهن.
چون ٿا تہ مخدوم جعفر حياتيءَ جي آخري زماني ۾ منطق جا ڪتاب درياھہ ۾ لوڙهائي ڇڏيا، فقط ’احياءُ العلوم‘ (امام غزالي) ’عوارف المعارف‘ (سھروردي) ’فصل اخطاب‘ ۽ ٻيا حديث ۽ تصوف جا ڪتاب پڙهندو هو. ’تحفته الڪرام‘ جي مترجم مخدوم امير احمد لکيو آهي تہ: ”مخدوم جعفر ’حل العقود في طلاق السنود‘ نالي هڪ عجيب غريب ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌين جي طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ انهن جا شرعي حڪم بيان ڪيا اٿس. اهو ڪتاب ڪن جهونن ڪتب خانن ۾ اڄ تائين موجود آهي. هن مان ڏهين صديءَ جي سنڌ جي تمدن ۽ زبان تي ڪافي روشني پوي ٿي. هن ڪتاب کانسواءِ مخدوم جعفر جي هڪ شاهڪار تصنيف آهي، ’المتانته في مرامته الخزانت‘. هن ڪتاب ۾ حنفي فقھ جي مشھور ڪتاب ’خزانته الروايات‘ جي تنقيح ۽ تميم ڪيل آهي.“
علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي تہ: ”سنڌ جي علمي تاريخ مان اهو پتو پوي ٿو تہ ڏهين صدي هجريءَ ۾ فقہ حنفيءَ جي اصولن پٽاندر سنڌ ۾ فتويٰ جا ڪتاب لکجڻ شروع ٿا، جن مان مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي فتويٰ: المتانته في مرامته الخزانته ۽ علامہ عبدالوهاب پوراني جي فتويٰ: بياض پوراني وڏي اهميت رکن ٿا.“ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جو ڪتاب ’نهيج التعلم‘ برصغير ۾ فارسي زبان ۾ تعليمي طريقہ ڪار (Mythology of Education) تي پهريون ڪتاب آهي.
مخدوم جعفر جا ڪيترائي شاگرد مشھور آهن، جن مان پاٽ جو بزرگ طاهر بن يوسف پاٽائي وڌيڪ مقبول آهي. ’مقالات الشعراءِ‘ جي صاحب هن بزرگ کي مرزا شاھہ حسن ارغون جو بہ استاد ڄاڻايو ويو آهي ۽ سندس مدفن مڪلي ڏيکاريو آهي. جڏهن تہ مخدوم جعفر بوبڪن ۾ پير مُنبي جي مقام ۾ مدفون آهي. سندس قبر مٿان هڪ سادو مقبرو آهي. اندر ساڻس گڏ ٻي قبر بہ آهي .
1524.00.00 عيسوي
مخدوم جعفر ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور عالم آهي ۽ 930 هه/ 1524ع ڌاري وفات ڪيائين .