جعفر ميرزا شيرازي مولوي

جعفر ميرزا شيرازي، مولوي: مولوي جعفر ميرزا شيرازي اصل شيراز جو رهندڙ هو ۽ سير ۽ تفريح ڪندو اچي، سنڌ ۾ رسيو. سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ هن پنھنجي علمي قابليت سبب وڏو مقام ماڻيو. مخدوم محمد مسڪين ٺٽوي هن جي علمي لياقت ۽ نيڪ سيرت سبب سندس دوست ٿيو. جعفر شيرازيءَ جي علم ۽ فضل جي شھرت ٻڌي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کيس پنهنجو خاص معتمد مقرر ڪري پنھنجي درٻار سان وابستہ ڪيو، پر ڪجهہ عرصي کانپوءِ درٻار ڇڏي ڏنائين. مولوي جعفر شيرازي، علم جفر ۽ تڪثير ۾ وڏو عامل ڪامل هو. ميان نور محمد خان جي نالي سان منسوب ڪتاب ’جفر جامع‘ مولوي جعفر لکيو هو، جيڪو مڪمل نہ ٿي سگهيو. سنڌ جي نامور، تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي جعفر شيرازيءَ جي شاگردن مان هو. مولوي جعفر شيرازيءَ 1167ھہ/1753ع ۾ وفات ڪئي. جڏهن نادر شاھہ ڪاچار سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن ميان نور محمد خان جي ٻن پٽن ميان مراد ياب خان ۽ ميان غلام شاھہ کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ ايران وٺي ويو هو ۽ جڏهن ميان مراد ياب خان واپس سنڌ ۾ آيو، تڏهن مولوي جعفر هي شعر چيو هو:
بافضل خدا خانِ جوان بخت رشيد،
ازراهِ خراسان بہ وطن باز رسيد.


هن صفحي کي شيئر ڪريو