جـيـسر نور محمد شھيد لائبـرري

جـيـسر نور محمد شھيد لائبـرري: مـوري شـهر کان اولـھہ طـرف 12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دادو روڊ تي موري- دادو پُل ڀرسان هڪ تاريخي ڳوٺ لليا پتڻ آباد آهي. ان ڳوٺ ۾ عبدالله جيسر نالي هڪ ساڃاھہ وند شخص پنھنجي وڏي ڀاءُ شھيد نور محمد جيسر جي نالي ’جيسر نور محمد لائبرري‘ 1992ع کان قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌي اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي ادب، لغات، تاريخ ۽ مختلف موضوعن تي 19000 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هن لائبرريءَ ۾ هندستان مان نڪرندڙ سنڌي رسالا: ڪونج، رچنا، سپون ۽ هفتيوار رسالي سنڌي سمراٺ جون ڪاپيون بہ موجود آهن. هيءَ لائبرري ٽن وڏن ڪمرن تي مشتمل آهي، جنهن جي ديوارن تي بھترين اسڪيچ ۽ تصويرون ٺهيل آهن. لائبرريءَ ۾ آڊيو وڊيو سيڪشن بہ آهي، جنهن ۾ سوين آڊيو وڊيو ڪيسٽون موجود آهن. جن ۾ دنيا جي بھترين بانسري نواز، استاد پنڊت هري پرساد چوراسيا ۽ دنيا جي وڏي شرناءِ نواز، بسم ﷲ خان'>استاد بسم ﷲ خان جي ڪيسٽن کان وٺي، ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي، سنڌي پرڪاش ۽ لوڪ راڳ جو ڪيسٽون پڻ وڏي تعداد ۾ هن لائبرريءَ ۾ محفوظ آهن. هن لائبرريءَ جي وزيٽرس بُڪ ۾ سنڌ جي ڪيترن وڏن اديبن ۽ علم دوست شخصيتن جا نوٽ ڏسي سگهجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو