جَفر: هڪ قسم جو عددي (ڳڻپ جو) علم، جنهن جي مدد سان واقعن، خاص ڪري ايندڙ وقت جي واقعن بابت اطلاع حاصل ڪبو آهي، يا پيشنگوئي حاصل ٿيندي آهي. عام معنيٰ ۾ اهو علم جنهن جي وسيلي غيب جون خبرون معلوم ڪجن. هن فن ۾ ڪنهن جملي يا لفظ جي حرفن کي ابتو ملائي ڪو نئون لفظ پيدا ڪيو ويندو آهي. انهيءَ نئين لفظ مان اندازي تي ڪڍيل معنيٰ کي حاصل نتيجو سمجهيو ويندو آهي. حرفن جي انهيءَ عددي ڳاڻيٽي جي خيالي مفهوم کي تصوف جي عالمن وڏي اهميت ڏني آهي. ڪي صوفي سڳورا، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اهڙو مبهم ۽ پراسرار علم اسان جي اڳيان رکندا آهن، جيڪو ويچارڻ سان وڌيڪ پيچيدو ٿي ويندو آهي. ’جفر‘ جو آخري ۽ اهم پهلو ڪشفي يا القائي هوندو آهي. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته جفر جو خاص پهلو اهو ئي هو جنهن بنو اميه جي دؤر ۾ ڪافي ترقي ڪئي. بنو عباس جي حڪومت ۾ ته غيبي علم ڪتابن جي صورت ۾ لکجڻ لڳا، جن ۾ سڄي سال جون پيشنگوئيون، سعد ۽ نحس ڏينهن، هوائن جو رخ، موسمن جي تبديلي، چنڊ جي لهڻ، اڀرڻ، برساتن ۽ لڙاين بابت معلومات شامل هوندي هئي. هڪ روايت آهي ته جفر جو علم حضرت جعفر صادق عليه السلام جي ايجاد آهي ۽ ٻي روايت آهي ته اهو (جفر) جو علم اصل هندي آهي جيڪو ايرانين هندستان مان سکيو هو .