جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي

جلالاڻي، ارشاد علي فقير، صوفي: صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي ويراڳ سان دل هوندي هئي. راتين جون راتيون فقيرن سان گڏ ويراڳ ۾ گذاريندو هو. سندس طبيعت سادي هئي. پاڻ چڱو شاعر هو. سندس درگاھہ تي سندس قلمي نسخو موجود آهي. 1987ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هوش ڪر، رھہ هوش ۾، هوش سان هوشيار ٿي،
پنهنجو ڏس تون پاڻ ۾ دل اندر ديدار ٿي،
پاڻ ۾ ڏس ڪير آهي، ڪير ٿو ٻولي اندر،
دل جي ڏس کولي دري، هر جا حق جو يار ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.


1987.00.00  عيسوي

جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي 1987ع ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف بلوچ 2
ڍير مٺو فقير لُنڊ
آخوند هدايت ﷲ مشتاق هالائي
رتنا گوديا رولاڪ
حبيب الرحمان ڏيپلائي
انجم آرا
دلدار عباسي 1
صديقي جھانگير
سنت سُروپداس
جون آف آرڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون