جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي

جلالاڻي، ارشاد علي فقير، صوفي: صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي ويراڳ سان دل هوندي هئي. راتين جون راتيون فقيرن سان گڏ ويراڳ ۾ گذاريندو هو. سندس طبيعت سادي هئي. پاڻ چڱو شاعر هو. سندس درگاھہ تي سندس قلمي نسخو موجود آهي. 1987ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هوش ڪر، رھہ هوش ۾، هوش سان هوشيار ٿي،
پنهنجو ڏس تون پاڻ ۾ دل اندر ديدار ٿي،
پاڻ ۾ ڏس ڪير آهي، ڪير ٿو ٻولي اندر،
دل جي ڏس کولي دري، هر جا حق جو يار ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

صوفي فقير ارشاد علي جلالاڻي، 1927ع ۾ ڳوٺ جلالاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.


1987.00.00  عيسوي

جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي 1987ع ۾ وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفيظ شيخ
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
چاچڙ حاجي خان اول
خانو رام ڀڳت
جلال ڪوري
سر عبدالرشيد جسٽس
زوار نقوي
سيد لال شاھہ
پير فدا محي الدين سرهندي
شاھہ محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون