
جلال آباد
جلال آباد(Jalalabad):اڳوڻو نالو جلال ڪوٽ، اوڀر افغانستان ۾ ڪابل درياھہ جي ڪناري تي ننگر هار صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هيءُ پشاور کان دره خيبر، ڪابل ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود آهي ۽ پاڪستان ۽ هندستان سان گڏ افغانستان جي واپار جو وڏو حصو ڪنٽرول ڪندو آهي. هتان کان لمغان ۽ ڪنار وادين ڏي ويندڙ رستن جي ڪري شھر کي وڏي اهميت حاصل آهي. هيءُ هڪ هوائي اڏي وارو فوجي مرڪز بہ آهي. جلال آباد جو علائقو ٻي صدي قبل مسيح کان آباد آهي ۽ هندستان جي شهنشاھہ اڪبر (1605-1542ع) ۾ جديد شھر جي تعمير شروع ڪئي هئي. هيءُ 1834ع ۾ افغان حڪومت جي مـاتحت ٿيو. پهرين (42-1839ع) ۽ ٻي (80-1879ع) انگريز - افغان جنگين دوران برطانوين جلال آباد تي قبضو ڪيو. 1979ع ۾ ان جي فوجي مداخلت کان پوءِ سوويت فوج جلال آباد ڀرسان هڪ فوجي ڪمانڊ قائم ڪئي ۽ 1980ع جي شروعات ۾ روسين شھر تي ڪنٽرول ڪيو ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. ان ويڙھہ سبب ڪيترائي افغان پناهگير ٿي پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. جلال آباد ڀرسان هڪ وسيع آبپاشي وارو ميدان آهي، جتي ميوا، بادام، چانور ۽ ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي. ملڪي صنعتن ۾ هڪ ڪمند جي ريفائنري ۽ هٿ جي هنر جا دڪان شامل آهن. آبي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ جديد پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ رستا بہ پڪا ڪيا پيا وڃن. ننگرهار يونيورسٽي 1963ع ۾ قائم ٿي. هتي افغاني پٺاڻن جي اڪثريت آهي .