جلال الدين سرخ بخاري: مشھور صوفي بزرگ، جلال الدين سرخ بخاريءَ جي ولادت، بخارا (موجودہ ازبڪستان) ۾ 5 ذوالحج 595ھہ/ 28 سيپٽمبر 1200ع تي ٿي. ابتدائي تعليم بخارا شھر ۾ ئي پنھنجي والد سيد ابوالمويد عليءَ جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائين. چاليهن سالن جي عمر ۾ برصغير ۾ آيو. ڪن تاريخن ۾ سندس هتي اچڻ جي تاريخ 630ھہ/ 1232ع لکي آهي. بخارا ۾ سيد قاسم جي ڌيءَ فاطمہ سان شادي ڪيائين. هن کي ڪل 22 پٽ ٿيا. هن جي لقبن مان سرخ پوش، مير سرخ، شير شاھہ، شريف الله، مخدوم اعظم، عظيم الله، ابوالبرڪات، ابو احمد، مير بزرگ وغيرہ مشھور آهن. سندس نسبي شجرو نائين پيڙهيءَ ۾ حضرت امام علي نـقيءَ سان ملي ٿو. مير سرخ بخاري بن سيد ابوالمويد علي بن سيد جعفر بـن سـيـد محمد بن سيد محمود بن سيد احمد بن سيد عبدالله بن سيد علي اصغر بن سيد جعفر ثاني بن امام علي نقي. هيءُ بخاري خاندان جو بـرصغـيـر ۾ جـد امـجـد هو. پهريائين ملتان آيو ۽ پوءِ بکـر ويو، جتي سيد بدرالدين بکريءَ جي نياڻي سان شادي ڪيائين. پوءِ نزاع سبب وري ملتان آيو، چيو وڃي ٿو تہ ملتان ۾ حضرت بھاؤالدين ذڪريا جي خانقاھہ ۾ (سال 635 ھہ/ 1237ع ڌاري) رهائش اختيار ڪيائين. اتي ٽيھہ سال مرشد جي خدمت ۾ رهي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. بهاؤ الدين زڪريا جي وفات کان ڪجهہ سال پوءِ مرشد زادي (شيخ صدرالدين عارف) جي اجازت سان اچ ويو. حضرت سرخ پوش جو انتقال اٽڪل 95 سالن جي عمر ۾ 19 جمادي الاول 690 ھہ/ 20 مئي 1291ع ۾ ٿيو. سندس وفات جو هنڌ چناب رسول پور هو، کيس اچ شريف کان 6 ڪوھہ پري دفنايو ويو. بعد ۾ درياھہ جي پائڪ سبب کيس سيونڪ بيلا ۾ دفنايو ويو، اتي بہ درياھہ جي پائڻ سبب کيس حضرت راجن قتال جي مزار جي ڀر ۾ دفنايو ويو. پوءِ مخدوم حـامد نو بھار اول (ڪن ثاني لکيو آهي) جي چوڻ تي سندس تدفين لاءِ ٻـئـي هـنـڌ جـو انـتـخـاب ٿـيـو، پـر ان تـي ذري گهـٽ جهـڳــڙو ٿي پيو، پر پوءِ بہ چوٿون ڀيرو سندس خاڪ اتي دفنائي وئي، جتي هن وقت آهي. موجودہ مزار 1261ھہ/ 1845ع ۾ نواب بھاول خان ثالث ٺهرائي، پوءِ وري 1300ھہ/ 1882ع ۾ نواب صادق محمد خان ان جي مرمت، وسعت ۽ خوبصورتيءَ جو اهتمام ڪيو.
بزرگ جلال سرخ بخاري بابت روايت آهي تہ ٻن پٽن سميت 40 سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو هو ۽ ڪن مورخن لکيو آهي تہ سندس ٻئي پٽ واپس بخارا ويا، جتي سندن مزارون بہ آهن. ڪن مؤرخن لکيو آهي تہ هي بزرگ چنگيز خان سان بہ مليو هو ۽ کيس اسلام جي دعوت ڏني هئائين، جنهن تي هو اول ڪاوڙيو ۽کيس سزا ٻڌايائين، پر پوءِ کيس پنھنجي نياڻي ڏنائين. پوئين گهر (سيد قاسم حسين بخاري جي ڌيءَ فاطمہ) مان کيس ٻہ پٽ سيد علي ۽ سيد جعفر پيدا ٿيا. هن بزرگ اچ ۾ 1244ع ۾ رهائش اختيار ڪئي پوءِ هن سيد بدرالدين جي نياڻي (زهريٰ) سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس سيد محمد غوث فرزند ٿيو، زهريٰ جي وفات بعد سندس ٻي ڀيڻ فاطمہ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس سيد احمد ڪبير (مخدوم جھانيان جھان گشت جو والد) پيدا ٿيو. انهيءَ دوران هي هڪ ڀيرو بخارا بہ ويو ۽ وري واپس آيو، هيءُ ’جلالي‘ سھروردي صوفي طريقي جو باني سمجهيو وڃي ٿو .
1200.09.28 عيسوي
جلال الدين سرخ بخاريءَ جي ولادت ، بخارا ( موجوده ازبڪستان ) ۾ 5 ذوالحج 595هه/ 28 سيپٽمبر 1200ع تي ٿي .