جلال الدين سنڌي: هن بزرگ بابت ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ لکيل آهي تہ قاضي جلال الدين سنڌي، اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ قاضي القضاة جي عهدي تي فائز هو. هيءُ حديث جي علم جو وڏو عالم هو. ان کانسواءِ منطق ۽ عقليات ۾ بہ کيس وڏي دسترس حاصل هئي. هيءُ بزرگ ديانتداري ۽ ايمانداريءَ جي اوصاف سبب گهڻو مشھور هو .