جلال الدين سيوطي

جلال الدين، سيوطي: جلال الدين سيوطي وقت جو وڏو ديني بزرگ، مـصنـف ۽ اسـتـاد ٿي گـذريو آهي. سـنـدس نالو ابوالفضل عبدالرحمان بن ابوبڪر جلال الدين السيوطي هو. سندس ولادت 1445ع ۾ ٿي. جلال الدين سيوطيءَ جون تحريرون ۽ تصنيفون خاص ڪري اسلامي موضوعن تي آهن. جلال الدين هڪ قاضيءَ جو پٽ هو، جنهن کيس هڪ صوفي دوست کان تعليم ڏياري، جلال الدين سيوطيءَ نوجوانيءَ ۾ ئي معلم بڻجي، تعليم ۽ تدريس جو پيشو اختيار ڪيو. 1486ع ۾ جلال الدين سيوطيءَ کي قاهره ۾ بيبارس مسجد ۾ خطيب مقرر ڪيو ويو. آخر تائين خاموشيءَ سان تصنيف ۽ تالـيـف جـو ڪـم ڪـنـدو رهـيـو. جـن مـان ڪـجهہ نـنـڍا ڪـتابچه ۽ باقي انسائيڪلوپيڊيائي تحريرون آهن، هن جي مشھور ڪتابن ۾ ’تاريخ الخلفا‘، ’تفسير الجلالين‘، ’اتفاق في العلوم القرآن‘ تمام گهڻا مشھور آهن، ان کانـسـواءِ سـنـدس ڪـتاب ’الـمـظهـر فـي الـعلـوم في اللغة والا نواعية‘، هڪ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ عربي ادب جي تاريخ، علم، معاني، علم بيان، علم الاصوات ۽ مارفالاجي جھڙا موضوع شامل آهن.
علامہ جلال الدين سيوطيءَ 1505ع ۾ وفات ڪئي .


لفظ جلال الدين سيوطيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1445.00.00  عيسوي

جلال الدين سيوطي 1445ع ۾ پيدا ٿيو.


1505.00.00  عيسوي

جلال الدين سيوطي 1505ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين بخاري ڪامريڊ
پير جهنڊو
مير مرتضيٰ ڀٽو
اسماعيل فقير سمون
شيخ موسيٰ آهيداڻي
ڄام راول
الھوسايو شيدي
سهراب خان ٽالپر مسڪين
ايڇ ايم خواجہ
چاڻڪيه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون