جلال الدين شاھہ: هيءُ موري تعلقي جو مشھور استاد ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو امام علي شاھہ هو، جيڪو وقت جي صوفي شاعر سعيد علي شاھہ ’خادم‘ جو سئوٽ هو. سعيد علي شاھہ خادم جو فرزند راشد مورائي سنڌ جو نامور شاعر آهي. سيد جلال الدين شاھہ ڳوٺ جوڻالي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم چنيجن مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان پاس ڪيائين. سندس استاد طور پهرين مقرري هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ٿي، جتي 9 سالن تائين محنت سان پڙهايائين ۽ وڏو نالو ڪڍيائين. ان کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ استاد مقرر ٿيو. تعلقي ڪنڊياري جو سپروائيزر تعليم مقرر ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊياري جو هيڊماستر ٿيو. ان بعد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سکر ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج سکر جو پرنسپال، جيڪب آباد جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ جو 7 سالن تائين پرنسپال رهيو. سانگهڙ جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ان کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جو پرنسپال ٿيو ۽ هن اداري سڄيءَ سنڌ ۾ استادن جي ٽريننگ جو بهتر مرڪز بنائڻ ۾ سيد جلال الدين شاھہ جو هٿ آهي، هن ئي اداري مان 1960ع ۾ رٽائر ڪيائين. سيد جلال الدين شاھہ پنھنجي دور جو بھترين استاد ۽ منتظم هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين ۽ حڪيم جلال الدين شاھہ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪجهہ عرصو نوشهري فيروز ۾ دواخانو هلايائين، ان بعد نوابشاھہ ۾ اچي مستقل رهائش پذير ٿيو، جتي سندس حڪمت جي ڌنڌي وڏي ترقي ڪئي ۽ پنھنجي وقت جو بھترين يوناني حڪيم ليکجڻ لڳو. هن اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، سندس هڪ فرزند ڊاڪٽر علي ارشد شاھہ ضلعي نوشهري فيروز جو ميڊيڪل آفيسر آهي. ٻيو فرزند سيد جمال مصطفيٰ شاھہ راولپنڊيءَ ۾ روينيو آفيسر آهي. سندس هڪ نياڻي ڪلثوم شاھہ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. سندس پي. ايڇ. ڊي جو مقالو ’شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارن ۽ تشبيهن جو استعمال‘ جي عنوان سان لکيل آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
سيد جلال الدين شاھہ اولاد ۾ بہ پنهنجون خصلتون وديعت ڪيون آهن، منجهن علم ادب لاءِ چاھہ ۽ انتظامي صلاحيتون موجود آهن .